عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ڀرسان جاگير موڙ وٽ تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويلن جو ڊمپر جي مالڪ سبز علي پٺاڻ ۽ عمر پٺاڻ خلاف سٽي ٿاڻي عمرڪوٽ تي فوتي آسن ڀيل جي سئوٽ موھن پٽ پنھون ڀيل جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ نامزد ھڪ جوابدار  عمر پٺاڻ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو جنھن کي پوليس موجب اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. جڏھن ته ٻئي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو ھلندڙ آھي. واضح رهي ته جاگير موڙ وٽ پيش آيل حادثي ۾ آسن ڀيل، سندس امڙ شريمتي بصران ۽ گهر واري شريمتي پٺاڻي فوت ٿي ويا هئا.