حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آٽو ڀان روڊ تي ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي سيڪيورٽي گارڊ جي هٿيار مان فائر دوران زخمي ٿيل ماءُ ۽ ڌيءُ واري واقعي جو ڪيس سيڪيورٽي گارڊن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. حسين آباد پوليس زخمي عورت راڻي جي ڀاءُ دل بهار پرهياڙ جي فرياد تي سيڪيورٽي گارڊن ربنواز مري ۽ عبدالعزيز مري تي داخل ڪيو. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته سندس ڀيڻ راڻي، ڀاڻيجي دعا ۽ سندس زالد ريحانه رڪشا ۾ سوار ٿي شهر کان واپس پنهنجي گهر اچي رهيون هيون ته ذيشان شوروم ٻاهران سيڪيورٽي گارڊ جي هٿيار مان ٿيل فائر جا ڇرا سندس ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي کي لڳا، جنهن دوران هو زخمي ٿيا، پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد ٻنهي سيڪيورٽي گارڊن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي. اڄ کين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.