حيدرآباد (بيورو رپورٽ) وومين ڪمپلينٽ سيل حيدرآباد جي انچارج سيده قرت العين شاهه چيو آهي ته والدين ۽ ٻارڙن جي وچ ۾ فاصلن سبب خودڪشي جي واقعن جو رجحان وڌي رهيو آهي ۽ واقعن جي روڪٿام لاءِ هر ضلعي ۾ عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري کاتي پاران شڪايتي سيل قائم ڪيو ويو آهي جتي ڇوڪرين کي هراسان ڪرڻ، گهريلو تشدد ۽ ٻين معاملن جون شڪايتون داخل ڪرائي سگهجن ٿيون ته جيئن کاتو سندن مسئلن کي قانوني طريقي سان حل ڪرڻ ۾ کين مدد فراهم ڪري. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان گورنمينٽ ڪاليج ۾ وومن ڪمپلينٽ سيل پاران سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار ۾ خطاب دوران هن والدين ۽ اسڪول انتظاميا تي زور ڀريو ته اهي تعليمي ۽ مالي ضرروتون پوريون ڪرڻ سان گڏ سندن نفسياتي مسئلن ۾ به مدد ڪن ته جيئن اهڙي قسم جا واقعا مستقل بنيادن تي رڪجي سگهن. هن چيو ته عورتن جي حقن جو خيال رکيو وڃي ته جيئن معاشرو ترقي ڪري سگهي. هن عورتن کي اها به صلاح ڏني ته هو کانئن قانوني ۽ نفسياتي ماهرن جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي شڪايتي سيل تي ساڻن رابطو ڪن ته جيئن کين مدد فراهم ڪري سگهجي.