سکر (بيورورپورٽ) صوفي بزرگ سيد صدرالدين شاهه جو 744هون عرس شروع ٿي ويو، زائرين درگاهه تي حاضري لا پهچي ويا. لئنسڊائون پل کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو. زائرين صرف پنڌ اچ وڃ ڪري سگهندا. عرس جون تقريبون ٽن ڏينهن تائين جاري رهنديون. سکر ۽ روهڙي جي ٻن شهرن جي وچ ۾ درياھ جي ٻيٽ ۾ واقع صوفي بزرگ سيد صدرالدين شاهه جي سالياني عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. اوقاف کاتي جي ڊويزنل ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر آفتاب حسين ٿهيم ۽ درگاهه جي متولي مير يعقوب علي شاھ  چادر چاڙهي عرس جو افتتاح ڪيو. ٻئي پاسي ڏورانهن علائقن مان زائرين جا قافلا پهچڻ شروع ٿي ويا آهن.  عرس جي موقعي تي ملڪ جي سلامتي، خوشحالي ۽ امن لاءِ خصوصي دعائون گهريون وينديون. عرس جي موقعي تي روهڙي، سکر ۽ درگاه جي آسپاس 600 کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.