ٺٽو ( رپورٽر ) ڪينجھر ڍنڍ مان سنھي ڄار تي لڳل پابندي تي عمل نه ٿيڻ ڪري سنھي مڇي جي وڏي تعداد ۾ ٻيجي مرڻ سبب مهاڻن جي روزگار جي سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي ان ڏس ۾ڪينجھر ڍنڍ جي مختلف مياڻين جي  ڪيترن ئي رھواسي ماھيگيرن دانھيندي چيو آھي تہ ڪينجھر ڍنڍ ۾ ڪجھ ماڻهن پاران سنھو رڇ استعمال ڪري مڇي جي ٻيجي جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي ۽ تيزي سان سنهي رڇ جي استعمال سبب ماھيگيرن جي روزگار کي پڻ سخت ڇيهو رسي رهيو آهي جڏهن ته مهاڻن پاران فشريز کاتي سميت ٻين وس وارن کان گھر ڪئي وئي آهي ته سنھي ڄار تي لڳل پابندي تي عمل ڪرائي ڪينجھر ڍنڍ اندر مڇي جو ٻيجو ماريندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ماھيگيرن جو روزگار بچائي کين فاقہ ڪشي کان بچايو وڃي.