حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ چيو آهي ته پ پ حڪومت پاران سنڌ اسيمبلي ۾ ڊجيٽل آدمشماري بابت ٺهراءُ آڻڻ ڪافي ناهي. پ پ وفاق ۾ حڪمران ڌر آهي ان ڪري هو ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪرائڻ لاءِ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ به ٺهراءُ پاس ڪرائي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ لال جروار، نور احمد ڪاتيار ۽ ٻين چيو ته پ پ حڪمرانن ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي سي سي آءِ مان آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ورتو ان لاءِ پ پ حڪمران غلط فيصلا ڪرڻ تي سنڌ جي عوام کان معافي وٺن. اڳواڻن چيو ته آدمشماري کي روڪرائڻ، سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ عوامي تحريڪ طرفان هلندڙ جدوجهد جي سلسلي ۾ اڄ 7 مارچ تي ڪڙيو گهنور ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي جڏهن ته 14 مارچ تي ڪراچي ۾ سيمينار به منعقد ڪيو ويندو.