ٺٽو: مڪلي ٿاڻي جي ايس ايچ او صادق درس “پنهنجي اخبار” ٻڌايو ته مڪلي ٿاڻي جي حد ۾ ڪي ڊي اي واھ ۾ موٽر سائيڪل رڪشا جي پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ رڪشا سوار باگڙي خاندان جي 8 ڄڻن کي بچايو ويو آهي، جڏهن ته ٻڏي ويل 5 ڄڻن مان ناري پوڄا ۽ دينو باگڙي جي لاشن کي ڪڍايو ويو آهي، هن چيو ته ڪي ڊي اي ۾ ٻڏي ويل وڌيڪ ٽن ٻارڙن جا لاش هن مهل تائين نيوي اهلڪارن جي ڳولا بعد هٿ ناهن اچي سگھيا، جڏهن ته رات هجڻ ڪري نيوي اهلڪار پڻ ٻيهر(اڄ) صبح 7 ڌارين ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ٻڏي ويل ٻارڙن جي ڳولا شروع ڪندا جڏهن ته واقعي واري هنڌ تي پڻ پوليس کي بيهاريو ويو آهي .