هڪ لک سال اڳ انساني لباس ٺاهڻ جو انڪشاف

0
189

ايريزونا(دلچسپ نيوز) هڪ لک سال اڳ انساني لباس ٺاهڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي سائنسدانن جي هڪ ٽيم کي مراڪش مان قديمي اوزار هٿ آيا آهن جن بابت چيو پيو وڃي ته اهي هٿيار ڪپڙو ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا. ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي پاران آمريڪا جي ايميلي هيلٽ ۽ ڪرٽس ميرين جي سربراهي ۾ ٽيم انهن اوزارن تي تحقيق ڪئي جنهن بعد سائنسدانن جو چوڻ آهي ته مراڪش مان هڪ لک 20 هزار سال اڳ جا اوزار مليا آهن، هٿ آيل اوزارن کي چمڙي مان لباس ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته انسان هڪ لک سال اڳ به لباس ٺاهڻ جو فن ڄاڻندو هو. واضح رهي ته انساني لباس ٺاهڻ بابت ان کان اڳ ۾ 80 هزار سال جو عرصو ڄاڻايو ويو هو پر نئين تحقيق مان هاڻي ثابت ٿيو آهي ته اهو فن ان کان اڳ به موجود هو.