عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ضلعي جي ٻن مختلف هنڌن تي ٻن عورتن پاران زھريلي دوا پي آپگھات جي ڪوشش ڪئي وئي جن کي علاج لاءِ سول اسپتال عمرڪوٽ داخل ڪيو ويو، ڪرنا موري واسڻ ڇھن ٻارن جي ماءُ مگھي زال پونو ڪولھي زھريلي دوا پي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏھن ته راڻا جاڳير واسڻ نوجوان ناري ثمينا ڌيءُ کيمچند اوڏ زھريلي دوا پي آپگھات جي ڪوشش ڪئي، ٻنھي عورتن کي سول اسپتال عمرڪوٽ داخل ڪيو ويو، جتي سندن طبيعت بھتر ٻڌائي پئي وڃي.