جهڏو (ن پ ا) جهڏو ويجهو 60 سالا عورت ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ قيصر لغاري ۾ 60 سالا عورت پارسان زال ڪيشو ڪولهي گهر ٻاهران وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي جهڏو آر ايڇ سي منتقل ڪيو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب عورت جو لاش ڊگهڙي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. عورت جي پٽ چندر ڪولهي ٻڌايو ته اسان جو والد 15 سال اڳ فوت ٿي ويو هو، جنهن بعد امڙ جو ذهني توازن درست نه هو، هن ٻڌايو ته امڙ اڳ به خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کي اسان بچائي ورتو هو.