مسو ڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي لڳ هٽڙي ٿاڻي جي حد نيشنل هاءِ وي تي موٽرسائيڪل ٽرڪ سان ٽڪرائجي ويو، نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. نصرپور جو رهواسي حال رهندڙ مياڻي ٻيلو واسي وڪيو ولد راڌن ڪولهي موٽرسائيڪل تي مياڻي ٻيلو کان حيدرآباد وڃي رهيو هو ته قاضي بنگلي اسٽاپ تي ٽرڪ سان ٽڪرائجي ويو، ڌڪ گهڻا لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو . هٽڙي پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد موڪليو ۽ ٽرڪ ڊرائيور کي پوليس ٽرڪ سميت پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي. ٻئي طرف آخري اطلاح تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس وغيرھ داخل ٿي نه سگهيو هو.