حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ سونارن کان مبينا طور 1 ڪروڙ رپين جو سون ڦر ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪراچي جي علائقي گارڊن جا رهواسي 2 سون جا هولسيلر ڊيلر دانش پٽ محمد عارف ميمڻ ۽ عارف حيدرآباد ۾ سونارن کي سون ڏيڻ لاءِ پهتا ته ڪوهنور چوڪ وٽ موٽرسائيڪل سوار ٻن ڦورن کانئن رڪشا روڪي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو ۽ هڪ ڪلو 290 گرام سون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. متاثر سونارن سٽي ٿاڻي تي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ سونارن ڄاڻايو آهي ته هو ڪراچي مان لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلو سون کڻي حيدرآباد آيا هئا جيڪو ريشم بازار ۽ شاهي بازار ۾ قائم سونارا مارڪيٽ جي دڪاندارن کي ڏيڻ پئي ويا ته ڪوهنور چوڪ وٽ کين هٿياربندن يرغمال بڻايو ۽ اسلحي جي زور تي سون ڦر ڪيو. رابطو ڪرڻ تي سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد رحيم چانڊيو ٻڌايو ته متاثر سونارن جي اطلاع بعد انهن رپورٽ داخل ڪرڻ سان گڏ مختلف علائقن ۾ ناڪابندي شروع ڪئي ته جيئن ڦورن کي گرفتار ڪري سگهجي. ايس ايچ او موجب ابتدائي طور معاملو مشڪوڪ پيو لڳي پر هو ان ڪوشش ۾ آهن ته جنهن علائقي مان سونارن کان ڦر ٿي آهي ان علائقن مان سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي ڦورن جا فٽيج توڙي واقعي جا تفصيل گڏ ڪري سگهن. آخري اطلاعن تائين واقعي ۾ ملوث ڦورو پوليس کي هٿ نه اچي سگهيا هئا جڏهن ته پوليس پاران مختلف هنڌن تي ناڪابندي وارو سلسلو به جاري هو.