همايون شريف ويجهو اتفاقي گولي لڳڻ سبب نوجوان مارجي ويو

0
240

همايون شريف(ن پ ا) همايون شريف ٿاڻي جي حد ۾ اتفاقي گولي لڳڻ سبب نوجوان مارجي ٿي ويو، عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، ڳوٺ چوڏيو سڌايو ۾ پسٽل صاف ڪرڻ دوران دماغ ۾ اتفاقي گولي لڳڻ سبب 22 ورهين جو نوجوان ذوالفقار علي پٽ گلاب منگي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث بيهوشي واري حالت ۾ همايون شريف جي اسپتال کڻائي اچي رهيا هئا ته سورن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، نوجوان جي مارجڻ ٿيڻ جي تصديق همايون شريف جي خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر ڪري ڇڏي.