هاري حقن جو اڳواڻ ڪامريڊ احمد خان لغاري لاڏاڻو ڪري ويو

0
359

حيدرآباد (ن پ ا) پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ چمبڙ هاري تحريڪ جو مک ڪردار ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جو جهونو اڳواڻ ڪامريڊ احمد خان لغاري 90 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. سنڌ هاري ڪميٽي پاران ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪامريڊ احمد لغاري ڪافي عرصي کان گڙدن سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا هو، ٽي ڏينهن اڳ کيس حالت خراب ٿيڻ سبب سول اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڪامريڊ جي وفات جو ٻڌي سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمرحيدر جتوئي ۽ ٻيا اڳواڻ سول اسپتال پهچي ويا. ڪامريڊ احمد خان لغاري جو مڙه تدفين لاءِ چمبڙ نيو ويو.