شڪارپور ۾ هفتي اندر مين هول لڳرايو، عدالت جو ميونسپل ايڊمنسٽريٽر کي خط

0
207

شڪارپور (ن پ ا) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ ميونسپل ايڊمنسٽريٽر کي هڪ ليٽر جاري ڪندي شهر ۾ هڪ هفتي اندر مين هول لڳرائڻ جو حڪم ڏنو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جو چوڻ هو ته شڪارپور جي عام پبلڪ پاران شڪايتون ڪيون ويون آهن ته شهر ۾ گٽرن مٿان مين هول کليل آهن، جنهنڪري ننڍا ٻار متاثر ٿين ٿا. شھر جا گٽر کليل ھجڻ سبب تازو هڪ معصوم ٻار ايان علي جلباڻي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيو ھو. توهان کي هن خط ذريعي چئجي ٿو ته هڪ هفتي اندر شهر جي مين هولن تي ڍڪڻ لڳايا وڃن ۽ ان جي رپورٽ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وڃي. واضع رهي ته گذريل ڏينھن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ٺارو پور پاڙي ۾ گٽر ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙي واري واقعي جو ذميوار ميونسپل ايڊمنسٽريشن کي قرار ڏيئي مٿس ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو ھو ۽ ميونسپل ڪاميٽي پاران عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ کي به ڪوڙو قرار ڏنو ويو ھو