نيوي ملازم جي بيوهه ۽ سندس پٽ کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

0
146

ملير پوليس قائد آباد ۾ نيوي ملازم جي بيوهه ۽ سندس پٽ کي قتل ڪندڙ هڪ جوابدار گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل ٻيو جوابدار فرار ٿي ويو

پوليس موجب گذريل مهيني جوابدار عبدالحفيظ ۽ گهر جي ملازم نينگر رافع پئسا چوري ڪرڻ لاءِ بيوهه ۽ سندس پٽ کي قتل ڪيو

پوليس موجب عبدالحفيظ کي مقتوله جي موبائيل فون جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو، قائد آباد جي خدا آباد محلي ۾ ڇاپي دوران جوابدار نينگر فرار ٿي ويو

پوليس موجب جوابدارن عورت کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪرڻ بعد سندس پٽ کي پاڻيءَ جي ٽانڪي ۾ ٻوڙي ماري ڇڏيو

پوليس ٻڌايو آهي ته جوابدار ٻٽو قتل ڪرڻ بعد گهر ۾ پيل رقم، سون ۽ مقتوله جي فون کڻي ويا هئا