ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جو ليجنڊ ڪرڪيٽر ڪرس ڪينز آسٽريليا ۾ بيمار ٿي پيو آهي، هو طبيعت خراب ٿيڻ جي ڪري ڪري پيو. هو آسٽريليا جي راڄڌاني ڪينبرا ۾ ترسيل هو ته سندس طبيعت خراب ٿي پئي. سندس شاهه شريان جي سرجري ٿي چڪي آهي جنهن ڪري هو لائف سپورٽ تي آهي. ڪرس ڪينز علاج کي رسپانس نه پيو ڏئي. کيس ڪينبرا کان سڊني آڻڻ جا امڪان آهن. سندس طبيعت گذريل هفتي کان خراب آهي. ڪرس ڪينز نيوزيلينڊ جي طرفان 62 ٽيسٽ ۽ 200 ون ڊي ميچون کيڏيون هيون.