نوشهروفيروز: ٽنڊوالهيار مان ڦريل ڪار ڪلٽي، ھڪ ڦورو سوگھو، ٻيو فرار

0
288

نوشهروفيروز: ٽنڊوالهيار مان ٻه ڦورو ڪار ڦر ڪري شڪارپور وڃي رھيا ھئا ته قومي شاهراهه تي نوشهروفيروز ٻاھران ڪار ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ھڪ زخمي ڦورو خالق داد بروھي کي پوليس سوگھو ڪري ورتو، جڏهن ته ھڪ ڦورو فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. گرفتار ڦورو جو تعلق شڪارپور سان ٻڌايو وڃي ٿو.