جاپان پاران پاڪستان سميت 152 ملڪن جي مسافرن تي پابندي

0
219

ٽوڪيو: جاپان 152 ملڪن جي مسافرن تي ملڪ اندر داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي جن ۾ پاڪستان ۽ هندستان به شامل آهن. جاپاني پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ، ڪورونا وائرس جي نئين لهر جي تيزي سان ڦهلجڻ سبب اهو فيصلو ڪيو ويو آهي، پاڪستان، ڀارت سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن تي پابندي سڀاڻي کان لاڳو ٿيندي. جاپان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي مطابق ورڪنگ ويز رکندڙ پرڏيهي به ملڪ اندر داخل نه ٿي سگهندا رڳو جاپاني شهرين کي جاپان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي.