ٽي ايل پي تان پابندي هٽائڻ واري نظرثاني ڪيس ۾ سندن انتظار پيا ڪريون: شيخ رشيد

0
282

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ چيو آهي ته پابندي پيل ٽي ايل پي تان پابندي هٽائڻ لاءِ نظرثاني درخواست ۾ اسان سندن انتظار ڪري رهيا آهيون. ٽي ايل پي جي 1074 ڄڻن کي عدالت آزاد ڪيو، جڏهن ته حڪومت 16 ايم پي او تحت 1677 ماڻهن کي آزاد ڪيو، 25 ڄڻن جا ڪيس ختم ڪيا ويا، جڏهن ته جن 280 ماڻهن تي ايف آءِ آرز داخل ٿين آهن، تن کي عدالت سان رجوع ڪرڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته جيڪي ماڻهو عمران خان جي سعودي عرب جي دوري تي تنقيد ڪري رهيا آهن، انهن جي پنهنجي سوچ فطراني جيتري آهي، عمران خان سعودي ۾ دنيا جا اهم فيصلا ڪرڻ ويو هو، جن جي عيد کانپوءِ خبر پئجي ويندي.