نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو جي آزادي لاءِ وارثن ۽ قومي ڪارڪنن پاران 46 ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي قومپرست ڪارڪنن ۽ شاگرد اڳواڻ جي وارثن سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، گل ڏاھري، راجا سھتو، رضا سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي، احتجاج ڪندڙن چيو ته جبري گمشدگيون غير انساني ۽ غير اخلاقي عمل آهن، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، ھنن چيو ته اسان اقوام متحده، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي عدالت کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ مان جبري گمشدگين جو نوٽيس وٺي، قومپرست ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.