راولپنڊي(م ڊ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جي ٽي 20 جي رڪارڊ ٽوڙيندڙ سينچري ضايع ٿي وئي، حيدر علي جي شاندار بيٽنگ سبب ناردرن جي ٽيم سينٽرل پنجاب جو جبل جيڏو 201 رنسن جو هدف حاصل ڪري ورتو. سينٽرل پنجاب جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي ڪپتان بابراعظم جي شاندار سينچري جي مدد سان 200 رنسون اسڪور ڪيو ۽ ان جا رڳو 2 رانديگر آئوٽ ٿيا. بابر اعظم 63 بالن تي 11 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان 105 رنسون ٺاهيون. اها سندس ڪيريئر جي ڇهين سينچري هئي. هو ناٽ آئوٽ رهيو. احمد شهزاد 37 ۽ محمد اخلاق 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. شعيب ملڪ 31 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. محمد نواز ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ نوجوان بيٽسمين حيدرعلي جي شاندار 53 بالن تي 91 ناٽ آئوٽ رنسن جي اننگز سان نارردرن جي ٽيم 19 هين اوور جي چوٿين بال تي جبل جهاڳي اسڪور پورو ڪري ورتو. ان جا 4 رانديگر آئوٽ ٿيا. حيدر علي جو محمد نواز به ساٿ ڏنو ۽ 21 بالن تي 41 رنسن جي جارحاڻي اننگ کيڏي. اوپنر سرمد حميد 19 ۽ ناصر نواز 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، آصف علي 14 بالن تي 28 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. سينٽرل پنجاب جي وهاب رياض، حسين طلعت، احسان عادل ۽ حسن علي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. حيدرعلي مين آف دي ميچ رهيو.