راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ پاڪستاني بڻجي ويو آهي ۽ اهو ڪارنامو هن نيشنل ٽي 20 ۾ ناردرن خلاف سينٽرل پنجاب طرفان کيڏندي انجام ڏنو. هن ميچ ۾ بابراعظم 63 بالن تي 105 رنسن جي اننگ کيڏي جيڪا سندس ڪيريئر جي ڇهين سينچري آهي. کائنس پوءِ پنجن پنجن سينڇرين سان ڪامران اڪمل ۽ احمد شهزاد ٻئي، خرم منظور 4 سينچرين سان ٽئين، مختار احمد ۽ شرجيل خان ٽن ٽن سينچرين سان چوٿين نمبر تي آهن. بابر اعظم 6 يا وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ دنيا جون نائون بيٽسمين آهي، ان لسٽ ۾ 22 سينچرين سان ڪرس گيل پهرئين نمبر تي آهي. هن کي تيزر ترين 7 هزار ٽي20 رنسون ٺاهڻ کان رڳو 16 رنسون پري آهي ۽ رڪارڊ قائم ڪرڻ لاءِ وٽس اڃا 6 اننگز آهن. هو ڪرس گيل جو رڪارڊ ٽوڙيندو. بابر 185 اننگز ۾ 6 زهار 984 رنسون ٺاهي چڪو آهي.