سوڀوديرو (ن پ ا)سوڀوديرو ڀرسان جو پرائمري اسڪول اٽڪل 7 مھينن کان بند پيل، استاد مقرر هجڻ باوجود ڊيوٽيءَ تان غيرحاضر، ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو احتجاج. تفصيل موجب ڪورونا ايمرجنسي کان پوءِ سڄي سنڌ جا اسڪول کلڻ باوجود سوڀوديرو لڳ پرائمري اسڪول سومر سند گذريل ستن مهينن کان بند پيل آهي. ان سلسلي ۾ شاگردن ۽ ڳوٺاڻن نياز علي سند، غلام اصغر، مصري سند، فرحان، ثاقب سند ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته پرائمري اسڪول سومر سند ۾ رياض شاهه نالي استاد مقرر آهي جيڪو گذريل ستن مھينن کان هڪ ڏينھن به اسڪول ۾ ناهي آيو. اسان جا ايترا وسيلا ناهن جو پنھنجا ٻارڙا پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائي سگهون. مظاهرين احتجاج ڪندي چيو ته ٽي اي او سوڀوديرو، ڊي اي او خيرپور، ڊائريڪٽر سکر کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪوبه تدارڪ نٿو ٿئي. هنن مطالبو ڪيو ته پرائمري اسڪول سومر سند ۾ نئون استاد مقرر ڪري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن تدريسي عمل بحال ٿي سگهي.