نوابشاهه (بيورو رپورٽ) فرسٽ ايڊيشنل ماڊل ڪورٽ جي جج جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار نظر محمد گھلو کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ان سلسلي ۾ فرسٽ ايڊيشنل ماڊل ڪورٽ جي جج عورت مسمات حاجاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت زال کي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جوابدار نظر محمد گھلو 9 مھينا اڳ قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ فصل ڪريم راھو ۾ پنھنجي گهر واري مسمات حاجاڻي کي قتل ڪيو ھو اھڙو ڪيس مقتول عورت جي ڀاءُ بھارو گھلو قاضي احمد ٿاڻي تي نظر محمد گھلو مٿان داخل ڪرايو ھو.