شيخ رشيد ۽ چيني سفير وچ ۾ ملاقات، داسو ڊئم واقعي جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق

0
249

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ چيني سفير وچ ۾ ملاقات دوران داسو ڊئم واقعي جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق، شيخ رشيد چيني سفير کي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سي پيڪ جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي پرڏيهي سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو، ٻنهي ملڪن ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي ڪير به نقصان نٿو پهچائي سگهي، چيني شهرين ۽ ڪمپنيز کي فول پروف سيڪيورٽي ڏني ويندي، چيني سفير سيڪيورٽي اپاءَ وڌائڻ تي وفاقي گهرو وزير جا ٿورا مڃيا.