حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نمبر 2 منشيات ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار کي بري ۽ ڦرلٽ واري ڪيس مان جوابدار جي 11 سالن بعد گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي، فورٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غلام مرتضيٰ بلوچ جي عدالت جوابدار محمد حنيف دل کي منشيات ڪيس مان بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جوابدار خلاف 19 نومبر 2019ع تي مڪي شاهه پوليس منشيات جو ڪيس داخل ڪيو هو. پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايو هو ته جوابدار شيدي قبرستان وٽ چرس وڪرو ڪري رهيو هو، جتان گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ هزار 70 گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ڄاڻايل جوابدار گرفتاري بعد ضمانت ڪرائي ڇڏي هئي جنهن بعد خيرپور پوليس جوابدار کي ٻي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو. گذريل ڏينهن خيرپور پوليس جوابدار کي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ حيدرآباد ۾ پيش ڪيو جتي عدالت کيس بري ڪري ڇڏيو آهي. ساڳئي عدالت سائيٽ واري علائقي ۾ 11 سال اڳ گهر ۾ گهڙي عورتن کي يرغمال بڻائي کانئن لکين رپيا ڦر ڪرڻ واري ڪيس ۾ لاڳيتو 11 سال روپوش رهندڙ جوابدار امداد چانڊيو جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي، سائيٽ پوليس اهو ڪيس مسمات حسينه گاڏهي جي فرياد تي 31 آڪٽوبر 2010ع ۾ داخل ڪيو هو جنهن ۾ متاثر عورت الزام هنيا هئا ته جوابدار امداد چانڊيو پنهنجي 6 ساٿين سان گڏجي سندس گهر ۾ داخل ٿيو ۽ مجموعي طور 4 لک رپين جي ڦر ڪري فرار ٿي ويو.