ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي ڳوٺ ستي جو وانڊيو ۾ نينگر سان بدفعليءَ جي ڪوشش، جوابدارن مزاحمت تي نينگر کي زخمي ڪري ڇڏيو. تيرهن سالن جي نينگر کيتو ڪولھيءَ جي ڏاڏي وينجھو ڪولھي، والد شنڪر ڪولھي ۽ ٻين احتجاجي مظاهري بعد صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته سندن نينگر کيتو ڳوٺ ڀرسان مال چاري رهيو هو ته منير کاڙڪ کيس پڪڙي بدفعليءَ جي ڪوشش ڪئي. نينگر پاران مزاحمت تي جوابدار کيس گھٽا ڏئي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنھن تي ھن رڙيون ڪيون. ان بعد سيم ۾ موجود ڌنار موقعي تي پهتا ته جوابدار ڀڄي ويو. اسان اھڙو اطلاع اسان پوليس کي ڏنو پر جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. هنن ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري کيس فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.