ننگرپارڪر ۾ ماريل ٻن ھرڻن جو ڪيس، پئ ۽ پٽ سميت ٽن جوابدارن مٿان داخل

0
489
ماريل ٻن ھرڻن جو ڪيس
ننگرپارڪر ۾ ماريل ٻن ھرڻن جو ڪيس، پئ ۽ پٽ سميت ٽن جوابدارن مٿان داخل!!

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ پاٻاسرو جي جھنگ ۾ شڪار ڪري ماريل ٻن ھرڻن جو ڪيس ڳوٺ پاسول جي ٽن جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ سومجي ڪولھي ۽ سندس پٽ روپو ڪولھي ۽ ڪرمڻ ڪولھي جوابدار ڄاڻايا ويا آھن. ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر چيو تہ جوابدار لوڪل ماڻھو آھن ڪوبہ ٻاھر جو ماڻھون ملوث ناھي، اسان مڪمل تحقيقات کان پوء جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو آھي.