افغان حڪومت پاران طالبان کي اقتدار ۾ ڀائيواري جي آڇ: طالبان جو غزني ۽ هرات صوبن تي به قبضو

0
277

دوحا/ڪابل/واشنگٽن/بون (م ڊ) افغانستان جي حڪومت ۽ طالبان ۾ جاري ڳالهين ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي. افغان حڪومت طالبان کي شهرن تي حملا بند ڪرڻ جي شرط تي اقتدار ۾ ڀائيواري جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، طالبان ڪو به جواب ناهي ڏنو، جڏهن ته آمريڪي صدر چيو آهي ته افغانين کي پنهنجي لاءِ پاڻ ئي وڙهڻو پوندو، جرمني ۽ ٻين يورپي ملڪن طالبان جي قبضي ۽ اتي شريعت لاڳو ڪرڻ جي صورت ۾ افغانستان جي امداد بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته طالبان هرات سميت اهم شهرن تي قبضو ڪندي ڪابل جو زميني رابطو ڪٽڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته قطر جي تخت گاهه دوحا ۾ جاري ٽرائيڪا پلس ڳالهين دوران افغان حڪومت طرفان ڳالهيون ڪندڙ طالبان کي آڇ ڪئي وئي آهي ته ملڪ ۾ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ طالبان کي اقتدار ۾ شريڪ بڻائڻ لاءِ تيار آهيون. ذريعن موجب اهڙي آڇ سڌي ريت طالبان کي نه پر ڳالهين ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ قطر کي ڪئي وئي آهي، جنهن اها ڳالهه افغان طالبان تائين پهچائي ڇڏي آهي پر ان حوالي سان اڃا طالبان جو موقف سامهون ناهي آيو. جڏهن ته طالبان جا حملا جاري آهن، غزني صوبي تي قبضو ڪرڻ بعد گورنر سان ٺاهه ڪري کيس ٽن ساٿين سميت ڪابل وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته هرات شهر تي به طالبان قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ويڙهه ڪندڙ اڳواڻ اسماعيل خان ساٿين سميت هيليڪاپٽر ۾ سوار ٿي فرار ٿي ويو آهي. بادغيس تي به طالبان قبضو ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته فوجين هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. اورزگان تي به طالبان جي قبضي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. طالبان هڪ هزار قيدي آزاد ڪري ڇڏيا آهن. سرپل تي طالبان جو ڪنٽرول قائم ٿي ويو آهي ۽ نئين ميئر قاري محمد معاذ اطهر شهر جو دورو ڪري ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون. ٻئي طرف اهي اطلاع آهن ته شهرن ۽ ضلعن تي قبضا ڪرڻ بعد طالبان صحافين کي ڳولي رهيا آهن. ٻئي طرف جرمن پرڏيهي وزير هائيڪو ماس طالبان ۽ افغان فورسز وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب افغانستان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اعلان ڪيو آهي ته طالبان کي خبر آهي ته افغانستان عالمي امداد کانسواءِ نٿو هلي سگهي. جيڪڏهن افغانستان ۾ طالبان مڪمل طور قبضو ڪري وٺن ٿا، شريعت جو قانون لاڳو ڪن ٿا ۽ خلافت قائم ڪن ٿا ته اسان وڌيڪ امداد نه موڪلينداسين. واضح رهي ته جرمني افغانستان کي سالياني 43 ڪروڙ يورو(82 ارب پاڪستاني رپين کان مٿي) امداد طور ادا ڪندو آهي. پرڏيهي وزير جرمني جي شهرين کي چيو ته اهي فوري طور تي ملڪ ڇڏين. جرمني جي دفاعي وزير اينگريٽ ڪرامپ ڪارن بائور مقامي ريڊيو اسٽيشن سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته افغاني باشندا جيڪي جرمني فوج سان گڏ مقامي طور تي ڪم ڪري چڪا آهن انهن کي جرمني آندو ويندو ته جيئن انهن کي طالبان جي جوابي ڪارروائين کان بچائي سگهجي. هوڏانهن فرانس به جرمني ۽ هالينڊ کانپوءِ افغان مهاجرن جي جبري ڏيهه واپسي روڪي ڇڏي آهي. برطانيا به پنهنجي شهرين کي فوري طور تي افغانستان ڇڏڻ جي هدايت ڪندي سفارتخاني کي تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هوڏانهن آمريڪي صدر به واضح طور چئي چڪو آهي ته افغانستان ۾ جنگ جي معاملي تي افغانين کي پنهنجي لاءِ پاڻ ئي وڙهڻو پوندو. جو بائيڊن پنهنجي بيان ۾ افغانستان مان آمريڪي قيادت ۾ نيٽو فورسز جي نڪرڻ جي فيصلي جو به بچاءُ ڪيو ۽ چيو ته افغان فوج انگ ۾ طالبان کان گهڻي وڌيڪ آهي پر ان کي وڙهڻ لاءِ تيار ٿيڻو پوندو.