جسٽس عائشه ملڪ کي سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج بڻائڻ تي غور

0
530
جسٽس عائشه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس گلزار احمد جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس 9 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس گلزار احمد جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس 9 سيپٽمبر تي طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس مشير عالم جي رٽائرمينٽ کانپوءِ خالي ٿيندڙ سيٽ تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عائشه ملڪ جي نالي تي غور ڪيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن خاتون جج کي مقرر ڪرڻ واري مامري تي غور ڪيو ويندو، ان اجلاس ۾ جيڪڏهن جسٽس عائشه ملڪ کي سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي ته جسٽس عائشه ملڪ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج هوندي.