نازيا حسن کي اشتياق بيگ ڪجهه کارايو هو: زوهيب حسن

0
507
نازيا حسن کي اشتياق بيگ ڪجهه کارايو هو: زوهيب حسن

ڪراچي(شوبز نيوز) نازيا پاڻ لکرايو ته کيس مڙس ڪجهه کارايو هو ۽ خراب سلوڪ ڪندو هو . ناليواري گلوڪارا نازيا حسن جي ڀاءُ زوهيب هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نازيا لنڊن ۾ حلف تحت جيڪو بيان رڪارڊ ڪرايو هو ان ۾ هن پاڻ لکرايو هو ته سندس مڙس اشتياق بيگ جو ساڻس رويو خراب هو ۽ هن کيس ڪجهه کارايو هو. هن ٻڌايو ته نازيا پنهنجي زندگي ۾ ئي چئي چڪي هئي ته کيس طلاق گهرجي. ٻئي طرف مرزا اشتياق بيگ پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته هو انهن الزامن جي جواب ۾ زوهيب حسن تي هڪ ارب رپين جي هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪرائيندو هن چيو ته زوهيب چاهيندو هو ته نازيا جي شادي ڪنهن سان به نه ٿئي ڇاڪاڻ ته سندس گذر سفر نازيا جي آمدني تي هو. واضح رهي تي پاپ گلوڪارا نازيا حسن 35 ورهين جي ڄمار ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر سبب 13 آگسٽ 2000 تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي.