حريم شاهه جي سوئنمگ پول ۾ وهنجڻ واري ويڊيو وائرل

0
1144
حريم شاهه جي سوئنمگ پول

لاهور(شوبز نيوز) تڪراري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه آئي ڏينهن پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن حرڪت سان مداحن جو ڌيان ڇڪائي وڻندي آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ حريم شاهه سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ هوءَ شيشو پيئندي نظر اچي رهي هئي ۽ مداحن طرفان مٿس ڇتي تنقيد ڪئي وئي هئي.هاڻ حريم شاهه هڪ ٻي ويڊيو ذريعي نه رڳو مداحن جو ڌيان ڇڪايو آهي پر انهن کي وري تنقيد جو موقعو به ڏئي ڇڏيو آهي.ترڪي ۾ تفريح لاءِ موجود حريم شاهه هن ڀيري سوئمنگ پول جو رُخ ڪيو آهي، جتي وهنجندي هن پنهنجي ٺاهيل ويڊيو سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي وئي.وائرل ويڊيو ۾ ٽڪ ٽاڪ اسٽار کي سوئمنگ پول ۾ وهنجندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مٿس تنقيد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.