بدين ( رپورٽر) نندو شهر لڳ علي واهه لارج کي ٻن هنڌان گهارو ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ تفصيل موجب نندوشهر ڀرسان علي واهه لارج  واهه کي ديهه گابرلو ۾ ڳوٺ علي بخش پنهور سامهون ٻه گهارا پئجي ويا جنهن سبب ڳوٺ علي بخش پنهور قاضي آباد پيروز جمالي ۾ گهاري جو پاڻي ڪاهي پيو جڏهن ته گھارن سبب علائقي ۾ ڪپهه ڪمند مرچ ٽماٽي جا فصل ٻڏي ويا جڏهن ته اطلاع جي باوجود ايريگيشن عملو گهاري واري هنڌ نه پهتو جڏهن ته ڳوٺاڻن مڙسي ڪري گھارن کي بند ڪري علائقي کي وڌيڪ تباهي کان بچائي ورتو