سرحد (ن پ ا) سرحد ڀرسان جهانپور شريف جي امام بارگاهه ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين جي جهيڙو، نينگر مارجي ويو، خبر موجب سرحد ٿاڻي جي حد جهانپور شريف جي امام بارگاهه ۾ ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب 16 سالن جو راجا حسين ملهڻ فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي سرحد پوليس لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي وارثن مقتول جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ لاش کڻائي روانا ٿي ويا. ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ هو ته امام بارگاهه ۾ جيوڻ لانگاهه ۽ ملهڻ برادريءَ جي نينگرن جي جهيڙي ٿي پيو، نتيجي ۾ نينگر راجا ملهڻ مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو هو، نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي سرحد پوليس جو چوڻ هو ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ پاڙيسري آھن. مقتول نينگر جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ نٿا چاهين، جنهن ڪري هنن پوسٽ مارٽم به نه ڪرايو.