فريدآباد(ن پ ا) بلوچستان کان تازو نئين ۽ برساتن جو حمل ڍنڍ ذريعي وھي آيل پاڻي ۾ مسلسل چاڙھ اچڻ ڪري ايف پي بچاءُ بند تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي. جنهن سبب بوائز ھاءِ اسڪول فريدآباد سامھون بند کي تقريبن 200 فوٽن جو ڏار پئجي ويو آهي. ان بابت شعيب ڪالوني جي رهواسين پاران انتظاميه کي آگاھ ڪرڻ باوجود انتظاميه ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي ٻي طرف پاڻي ۾ مسلسل واڌ ٿيڻ بعد پاڻي ڪاڇي جي ڳوٺن سڄڻ ميرواڻي، ڇٽوميرواڻي ،علي بخش تيوڻو،فيض محمد خاصخيلي، مٿين اکڪڍائي سميت  ڪاڇي جي 10 ڳوٺن ۾ ڪاھي پيو آهي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب ڳوٺ سڄڻ ميرواڻي ۾   عبدالخالق ،گاھي خان ،عبدالغفار ،علي گل، محمد حسن، رياض حسين،منير، ايوب، منظور،دلبر ،محرم چانڊيو، ڳوٺ الھڏنو تيوڻو ۾ رياض خاصخيلي،ڳوٺ فيض محمد خاصخيلي ۾ نبن گائينچو، وارث گائينچو،نظر حسين گائينچو ،ڳوٺ علي بخش تيوڻو ۾ محمد حسين تيوڻو، گلاب تيوڻو سميت 10 ڳوٺن ۾ 50 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جا گهر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪافي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت تغارين ۽ ڪوڏرن ذريعي ڀنجھو وجهي مٿاھين ڪري گهرن کي بچائڻ جي ڪوشش جاري رکيون پيا اچن. ٻي طرف فريدآباد، ولي محمد رند، ڀنڀاڏيرا ۽ ٻيا ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن.پاڻي جي خطرناڪ صورتحال،ماڻهن جي لڏپلاڻ باوجود انتظاميه متاثرن وٽ لڙي به نه آئي آهي جنهن ڪري ڪاڇي واسي بي يارو مددگار بڻيل آهن.