گپچاڻي/ شاهپورچاڪر (نمائندن وٽان) گپچاڻي ڀرسان چودگي لڳ سرن جي بٺي وٽ حيسڪو عملدارن جي مبينا غفلت سبب 11ھزار وولٽيج  جي ٿنڀي تي ڪم ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿيل نوجوان نثار عرف گرو کوسو جو لاش شھدادپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته شاھپورچاڪر پوليس پاران واقعي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ تي فوتي جي وارثن  شاھنواز کوسو، عبدالڪريم  کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  سانگھڙ_ نوابشاھ روڊ تي سداواھ پل تي لاش رکي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، ٻي طرف ايس ايچ او شاھپورچاڪر مظاھرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو، ھوڏانھن فوتي جي ڀاءُ شاھنواز کوسو جي فرياد تي شاھپورچاڪر ٿاڻي تي حيسڪو سب ڊويزن شاھپورچاڪر جي لائين سپريڊنٽ نوراحمد کوسو، لائين مين صاحب خان عمراڻي ۽ ايس ڊي او الهڏنو چانڊيو خلاف گناھ 38/2022 قلم34 پي پي سي ۽ 324 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي،  فوتي نوجوان جي وارثن مطالبو ڪيو آھي ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.  ٻي طرف ڄاڻ موجب ته  ثار عرف گرو کوسو بيروزگاري سبب حيسڪو سب ڊويزن شاھپورچاڪر جا عملدار کائنس ڪم ڪرائيندا ھئا، جڏھن ته نوجوان علائقي ۾ مشھورڪرڪيٽ ڪمينٽر ھو، گروگنٽار جي نالي سان سڃاتو ويندو ھو.