ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ   ڪراچي جي اغوا ٿيل شاگردياڻي  نمره ڪاظمي کي عدالتي حڪم باوجود پيش نه ڪرڻ تان پوليس عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سڀاڻي جمعي تي هر صورت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اسان تونسه شريف ۾ ڇاپو هنيو، اتي خبر پئي ته  جوابدار جي اها ايڊريس 18 سال پراڻي آهي، ان موقعي تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو پوليس عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان جو ماڻهن کي رڳو ٿاڻي ۾ بي عزت ڪرڻ وارو ڪم رهجي ويو آهي، اوهان کان نمره بازياب نه ٿي رهي آهي، اصل ۾ اوهان ڪم ڪرڻ نٿا چاهيو. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان پوليس جي عزت ڪريون ٿا پر صورتحال مختلف آهي، هن ملڪ کي خدا ئي هلائي رهيو آهي، ان موقعي تي جاچ آفيسر چيو ته واٽس ايپ تي نمره جون ويڊيوز موجود آهن، عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته اوهان ناري کي گرفتار نه پر عدالت ۾ پيش ڪريو. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته نمره جي قلم 164 جي بيان کانپوءِ هتي بيان به ضروري آهي. ٻئي طرف جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت دعا زهره اغوا ڪيس ۾ گرفتار نڪاح پڙهائيندڙ غلام مصطفيٰ ۽ شاهد اصغر جي جسماني ريمانڊ ۾ 31 مئي تائين واڌ ڪندي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.