نفسياتي مريض هلندڙ ڦرندڙ بارودي سرنگون آهن

0
219
‘روانڊا’ جي راهن تي هلندڙ سنڌ
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

هونئن ته سڄي ملڪ ۾ ذهني علاج معالجي جي سهولتن جي اڻاٺ آهي پر سنڌ ۾ ذهني صحت ۽ سگهائيءَ جون سهولتون بنهه نه هئڻ جي برابر آهن، سواءِ سر ڪائوسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ (گدو) حيدرآباد جي، جتي پڻ گهڻو دٻاءُ آهي، ڇو ته سموري سنڌ جي مريضن جو بار ان اداري تي آهي، باقي سرڪاري لحاظ کان تعلقي سطح جي اسپتالن ۾ به ذهني ۽ نفسياتي بيمارين جي علاج جون سهولتون ميسر ناهن، نه ئي وري اتي سائيڪياٽرسٽ مقرر آهن. ماڻهو شعور ۽ جاڳرتا نه هئڻ ڪري ذهني ۽ نفسياتي بيمارين کي بيماريون ئي نٿا سمجهن. ان اڻڄائي ۾ مرض وڌندو رهي ٿو ۽ جنون ۾ مبتلا ماڻهو اهڙا جيئرا جاڳندا بم بڻجي ٿا وڃن، جيڪي ڪنهن به وقت ڦاٽي نقصان ڪن ٿا. ماڻهن ۾ شعور نه هجڻ جي ڪري هڪ ته اهي نفسياتي ۽ ذهني بيمارين جو علاج ئي نٿا ڪرائين يا وري وڌ ۾ وڌ اهي انهن شعبديبازن جي دوکي جي دڪانن ۽ حرفتي هٽن جي ور چڙهي ٿا وڃن، جتي نقلي ڀوپا ۽ عامل انهن جو اڳوڻو سوجهرو به چٽ ڪري ٿا ڇڏين ۽ انهن جون نفسياتي ۽ ذهني بيماريون وڌيڪ پيچيده ٿي ٿيون وڃن. پوءِ ايئن ٿئي ٿو جيئن گهوٽڪي جي آفتاب ڪالوني ۾ ٿيو آهي، جتي هڪ شخص عمران ٽڳڙ پنهنجي پنجن گهر ڀاتين کي سروٽن جا ڌڪ هڻي زخمي ڪرڻ بعد تيز ڌار اوزار سان ڪهي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جو ذهني توازن ٺيڪ نه آهي.

نفسياتي ۽ ذهني بيمارين جي حوالي سان اسان جي سماج ۾ غلط رويا موجود آهن، جنهنڪري انهن بيمارين جو علاج نٿو ٿئي. جڏهن انهن بيمارين جي وقت سر تشخيص نه ٿيندي آهي ته اهي وقت گذرڻ سان گڏ خطرناڪ صورت اختيار ڪنديون آهن ۽ اهڙا مريض پنهنجو پاڻ کي به نقصان ڏيندا آهن ته ٻين جي لاءِ به نقصان جو سبب بڻجندا آهن. جڏهن ڪنهن گهر جي ڀاتيءَ جي روين ۾ غير معمولي تبديلي محسوس ٿئي ته ان کي ذهني ۽ نفسياتي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن کي به ڏيکارڻ گهرجي پر جيئن ته سرڪاري اسپتالن ۾ اهڙيون سهولتون نه آهن، جنهنڪري ماڻهو نقلي عاملن ۽ ڀوپن جي ور چڙهيو وڃن ۽ صورتحال اتي ٿي پهچي جو “ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو”. ماڻهن ۾ اڻڄائي ايتري آهي جو اهي آسانيءَ سان انهن نقلي عاملن ۽ ڀوپن جي ور چڙهيو وڃن. غربت سبب اهي ماڻهو جيڪي پنهنجن ٻچن کي اڌ ڪلو گوشت به نٿا وٺي ڏيئي سگهن، اهي نقلي عاملن ۽ ڀوپن کي ڪارا ٻڪر ڏيو اچن. اسان وٽ الميو اهو آهي ته ماڻهن ۾ نفسياتي ۽ ذهني بيمارين جي حوالي سان ڪوبه شعور نه آهي. مختلف اين جي اوز ۽ ٻيا ادارا ان حوالي سان پنهنجو فرض پورو نه پيا ڪن. سماجي روين جو سبب به ان بيماريءَ جي علاج لاءِ ماڻهو آماده نٿا ٿين. ڇو ته ذهني بيمارين جي حوالي سان ايتري ته پروپيگنڊا ڪئي وئي آهي جو ماڻهو نفسياتي بيمارين جي اسپتالن کي “چرين جي اسپتال” ۽ نفسياتي ڊاڪٽرن کي “چرين جو ڊاڪٽر” سمجهندا آهن. ان پروپيگنڊا جي ڪري ئي ماڻهو پنهنجون بيماريون لوڪ کان لڪائين ٿا. بيماريون لڪائڻ جي ڪري اهي وڌي وڻ ٿين ٿيون ۽ اوچتو ئي وڏي نقصان جو سبب بڻجن ٿيون. ڪو نفسياتي ۽ ذهني مريض جڏهن ان نهج تي پهچي ٿو ته هو اهڙو عمل ڪري وجهندو آهي، جنهن سان خوف جو هڪ سونامي پيدا ٿيندو آهي، جنهن جو اثر ڏهاڪن تائين انهن ڪٽنبن ۽ واسطيدار ماڻهن ۾ رهي ٿو.

گهوٽڪي واري واقعي ۾ پوليس بنا ڪنهن چڪاس ۽ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جي اڳ ۾ ئي نفسياتي ۽ ذهني بيمارين جي ماهرن جا اختيار استعمال ڪندي جوابدار کي ذهني مريض قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ تعلقي سطح جي اسپتالن ۾ نفسياتي ۽ ذهني بيمارين جي علاج جون سهولتون ميسر ڪيون وڃن ۽ سائيڪياٽرسٽ مقرر ڪيا وڃن. ماڻهن ۾ انهن بيمارين جي حوالي سان جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ غير سرڪاري تنظيمن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مختلف اين جي اوز کي نفسياتي ۽ ذهني بيمارين جي علاج لاءِ، خاص طور تي ٻهراڙين ۾، ميڊيڪل ڪئمپ لڳائڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن کي علاج جون سهولتون ميسر ٿي سگهن. ليڊي هيلٿ ورڪرز کي به ان حوالي سان خاص تربيت ڏيڻ گهرجي ته اهي ذهني ۽ نفسياتي بيمارين جي نشاندهي ڪري مريضن کي اسپتالن ۾ پهچائڻ ۾ انهن جي مدد ڪن. اهو پڻ ضروري آهي ته نقلي ڀوپن ۽ عاملن جا دوکي جا دڪان ۽ حرفتي هٽ بند ڪرايا وڃن.