“زندان جي جھروڪن مان” کليل خط!

اهو ئي صبح چئين وڳي جو وقت هو، دل ٿي چاهيو ته آئون اوهان کي مخاطب ڪري اوهان تي ويهي ڪجھه لکان، جيئن مون کان اڳ جيل ۾ رهندڙ قيدين پنهنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن ڏانهن خط لکندا رهيا آهن، آئون به اوهان کي ياد ڪري اوهان جي نانءُ ڪجھه لکڻ جي ڪوشش هر وقت ڪندو هان پر ڪجھه لکڻ لاءِ قلم ساٿ نه پيو ڏي. جيڪو ڪجھه آئون اوهان لاءِ لکڻ ٿو چاهيان، اُتي قلم لکڻ کان ٽُپ جواب ڏيو وڃي، شايد منهنجي هٿ ۾ جيڪو قلم آهي ان کي به ڄڻ اوهان جي مون سان ڪيل بيوفائيءَ جي ڪا ڪَل پئجي وئي هجي، شايد انهيءَ لاءِ ڪجھه لکڻ لاءِ قلم تيار ئي ناهي، آئون اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته جيل ۾ پهچڻ شرط ڪافي ڏينهن تائين اوهان مون کي ياد ايندا رهيا ۽ هر ياد سان منهنجي دل جا گھاوَ تازا ٿيندا رهيا، جڏهن به اوهان جي ياد مون کي ايندي هئي ته منهنجي دل ان ڏينهن رات رت جا ڳوڙها روئيندي هئي، آئون انهن رت جي ڳوڙهڻ کي ڏسي پنهنجي نادان دل کي اهو چئي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته هڪ ڏينهن اوهان ضرور اچي قيد ۾ منهنجي سار لهندئو، اهو ٻڌي منهنجي دل کي گھڙيءَ پَل لاءِ ڪجھه تسلي ٿيندي هئي ته هڪ ڏينهن اوهان ضرور واقعي به ملاقات بهاني ملڻ ايندا پر وقت جي حساب سان منهنجي دل کي به اوهان جي بيوفائيءَ جي آهستي آهستي خبر پوندي وئي ۽ هوءَ هميشه لاءِ رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ بدران پڪي ٿي چپ ٿي ويهي رهي. جيڪا دڙڪن اوهان لاءِ منهنجي دل مان نڪرندي هئي سا دڙڪن هميشه جي لاءِ هاڻ ٿمجي وئي آهي، ڇو ته اسان قيدين جيان اسان جي دلين تي به جيل اندر پابندي لڳل آهي. جيئن زندانين جي تعلق ڪنهن به طرح ٻاهرين سان نه رهي، ايتري قدر جو ٻاهرين جو پاڇو به اسان تي نه پوي. جاني مون کي جيل جي جنهن ڪنڊ ۾ رکيو ويو آهي اُتي ڪافي محبت ڪندڙ دوست قيدي سوين موجود آهن، انهن مان ڪجھه قيدي مون کان پنهنجن پيارن ڏانهن خط  لکرائيندا آهن، شايد انهن قيدين سان پنهنجن جا لاڳاپا اڃا قائم ۽ دائم آهن پر آئون فقط اڪيلو قيدي آهيان جيڪو هن زندان ۾ اوهان جي هڪ ئي جھلڪ ڏسڻ جي لاءِ سِڪي ۽ تڙپي رهيو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته اوهان کي آئون رات جي پهر ۾ آسمان ۾ اونهائين ۾ به ڳوليندو آهيان پر مون کي اوهان وسيع آسمان ۾ به ڪٿي نظر ناهيو ايندا يا شايد منهنجي کوليءَ جون در دريون تمام مٿي آهن، جتان اوهان کي ڳولڻ ڏکيو آهي. بس اوهان جڏهن به ياد ايندا آهيو ته ان ڏينهن منهنجي زبان مان اوهان لاءِ ئي لفظ نڪري ايندا آهن ته اوهان جتي به هجو گلن جيان مهڪندا رهو، مسڪرائيندا رهو، ڪڏهن به توهان کي ڪوسو واءُ نه لڳي. جاني زندگي رهي ته وري ڪڏهن نه ڪڏهن اتي ملنداسون جتي اسين ڪڏهن ملندا هئاسين، اوهان مون کي ڀلي وساريو هجي پر مون اوهان کي هميشه ياد رکيو آهي ڇو ته منهنجي طرفان اوهان لاءِ سچي محبت هئي ۽ هميشه اها ئي رهندي.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

شهيد نياڻي تانيا خاصخيلي

جا قاتل آزاد ٿي ويا!‎

سنڌ ڌرتيءَ تي  قتلام هر روز معمول بڻيل آهي، دودي جي دليري، ھيمون جي ھٺ ڌھرمي، روپلي جي ھمت چوان يا توکي سھڻي جي سچائي، سسئي جي وفا جو نانءُ ڏيان يا تو مارن سان ورجائي لوئي جو علم بلند رکيو، اي ڀٽائيءَ جي بيتن جي مارئي تنھنجو خون رائيگا نه ويندو، سنڌ جي ڌرتيءَ تنھنجو رت امانت سمجھي پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏيو آهي، ڪنھن ته ارڏي انسان لاءِ جيڪو تو سميت سنڌ ڌرتيءَ جي سمورين بيگناهه قتل ڪيل نياڻين جي وھايل رت جي ھر ڦڙي ڦڙي جو حساب وٺندو. اي سچل، اياز، استاد بخاري جي شعرن جي سندرتا ڪامڻي، تنھنجو روح ستل حڪمرانن جي ذھنن تي ھٿوڙا ضرور ھڻندو، ڪوڙي جمھوريت جي نشيلي اکين کي جاڳائڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو، پر ياد رکجانءِ! ھي اھي اٿئي جن قوم جي ڌيءُ ماءُ جنھن جي نالي تي اٻوجھه عوام کي بيوقوف بڻائي عيش عشرت ڪن پيا، ان جي رت سان به انصاف نه ڪيو، ان جي قاتلن سان ٻٽ بڻجي چور دري مان ڪڍڻ وارا تنھنجي خون سان ڪھڙو انصاف ڪندا؟ هو ته پنهنجي ٿڌن ڪمن مان نٿا نڪرن. شھيد نياڻي تانيه کي ڀيٽا!

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

سنڌ امن گهري ٿي!‎

سنڌ واقعي به امن گهري ٿي، سنڌ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ اسان کي انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري اسان کي ڪي به واقعا هاڻ نظر نٿا اچن، تنهن جي ڪري اسان هن وقت به خاموش ويٺا آهيون، سنڌ اهو واحد صوبو آهي جنهن ۾ سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهي جو سسٽم قائم آهي، پيري مريدي آهي، اسان ايترا ته جاهل ۽ شعور کان وانجھيل ٿي چڪا آهيون جو تَر جي وڏيري کي پنهنجو بابو ٿا تسليم ڪريون ۽ اهو ئي بابو اسان کي ۽ اسان جي معصوم ٻارڙن ۽ نياڻين کي اغوا ڪرائي، اسان جي وارثن کان ڀنگ وٺي اهو ئي اسان کي ڇڏرائي ٿو. پوليس ۽ ڌاڙيل انهن بدمست وڏيرن سان گڏ هوندا آهن، وڏيرو ئي ٻڌي ڇوڙي ڪرائي اسان کي بيوقوف بڻائيندا ٿا رهن ۽ اسان جا اٻوجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان جو بابو اسان سان سچو آهي پر انهن کي اها خبر ئي ڪانهي ته توهان جو بابو پئسن عيوض توهان کي گرفتار ڪرائي، ماڻهن، برادري ۾ ذليل ڪري توهان کان پئسا وٺي توهان کي ٿو ڇڏرائي، افسوس! الائي ڪڏهن اسان ۾ شعور ايندو ته وڏيرا پنهنجي بنگلن کي آباد ۽ پنهنجي پيٽ کي ڀرڻ لاءِ توهان سان صدين کين راند کيڏندا رهيا آهن. هڪ دوست کي جس هجي جيڪو اسان جون اکيون کولڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي پر ڪجهه وڏيرا ۽ انهن جا واٺا ان جي خلاف ٿيو بيٺا آهن، تنهن هوندي به ان پنهنجي جهدوجهد جاري رکيون ٿو اچي. جيڪڏهن توهان سڄاڳ نه ٿيندئو ته ايئين ئي وڏيرا توهان جو ماس پٽي کائيندا رهندا، خدرار سڄاڳ ٿيو، اهي سردار آهي ڀوتار جن کي توهان بابو ٿا چئو اهي توهان جا بابا نه بگهڙ آهن. جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻچا بگهڙ نه کائين ته سڄاڳ ٿيو ۽ وڏيرڪي، ڀوتارڪي نظام کي ختم ڪريو.

سنڌي علي گل شيخ/ اوٻاوڙو

صلاح الدين پنھور جي آبزرويشن ۽ ساگر جي آزادي!

سوشل ميڊيا ڪيتري طاقتور ٿي وئي آھي ان جو اندازو لڳائڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويو آھي، پاڪستان جي اندر گذريل ٻن چئن سالن کان سوشل ميڊيا توڙي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا خلاف جيڪي ڪات ڪهاڙا اُڀا ڪيا ويا آهن ۽ ڪيترن سوشل ۽ ميڊيا ايڪٽيوسٽن کي نوڪرين ۽ ملڪ مان جلاوطنيون ڀوڳڻيون پيون، ان کان سواءِ اغوائون ۽ ٽارچر ڪيمپن ۾ صعوبتون پڻ سھڻيون پيون ۽ ڪن کي ته موت جي حوالي ڪيو ويو پر پوءِ به جيڪي حق ۽ سچ تي بيٺل ھئا يا آھن اھي اڄ به ڦورو قوتن کي للڪاريندا رھن ٿا ۽ واريءَ جي ڪوٽن ۾ ڪنبڻيون وجھندا رھن ٿا، پوين مھينن ۾ جڏھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ مقرر ٿيل معزز جج جناب جسٽس صلاح الدين پنھور اتر سنڌ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ بابت ڪيس ھلندي ٻڌڻيءَ دوران سنڌ پوليس جي ڪمان غلام نبي ميمڻ کي پيش ٿيڻ لاءِ چيو هو ته آءِ جي صاحب مانواري عدالت جي جج صاحب کي وڌندڙ بدامنيءَ بابت مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگھيو ھو ته کيس جسٽس صلاح الدين پنھور صاحب کيس تنبيهه ڪندي چيو ھو ته “پنج ڏهه سردار گرفتار ڪيو، ڌاڙيل پاڻ ئي پيش پوندا.” اھڙين ٻين عوامي مفادن وارين ورڊڪٽس جي ڪري کيس ڪنھن به بئنچ جو حصو نه بڻايو ويو ۽ اڄ اھو جسٽس صلاح الدين پنھور ڪٿي آ؟ مون کي ڪا به خبر ناھي، خير رات جڏھن ڪلينڪ تان موٽندي سنڌ پوليس کي الرٽ ڏٺم ته سمجھي ويم ته ڪا وي آءِ پي موومينٽ آھي. گھر اچي جڏھن سوشل ميڊيا کوليم ته ڪنھن چئنل تي لائيو آءِ جي سنڌ ۽ نگران گھرو وزير جي پريس ڪانفرنس ھلي رھي ھئي، گوڙ ۾ ته سوال جواب سمجھه ۾ نه پي آيا پر ھيٺان ھلندڙ ٽڪرز ۾ اھا سلائيڊ پئي ھلي ته ساگر ڪمار جي اغوا ۾ سردار مزاري ملوث آھي ۽ ان کي جلد بازياب ڪرائبو. ڪالھه ڏينھن جو به ڪنھن چينل تي ٽڪر ھلي پيو ته سردار مزاري رينجرز جي زور پوڻ تي پنجاب پاسي ھليو ويو آهي. جنھن ساگر لاءِ آءِ جي چيو ته ھڪ اڌ ڏينھن ۾ ساگر موٽندو، اھو رات جي پيٽ ۾ آزاد به ٿي ويو، جنھن جي تصوير رات دير سان 2.42 اي ايم تي سوشل ميڊيا ذريعي مون وٽ به پھتي. اھو آھي سوشل ميڊيا جي طاقت، ساگر ڪمار آزاديءَ جون سڄي سنڌ کي مبارڪون ھجن پر مان سنڌ سرڪار کي عرض ڪندم ته اتر سنڌ مان اغوا ٿيل سمورن ماڻھن، خاص ڪري ننڍڙن ٻارن کي فوري طور آزاد ڪرائي امن امان بحال ڪرايو وڃي ته جيئن سمورين برادرين ۽ مذھبن جا ماڻھو سڪون سان پيٽ گذر ڪري سگھن ۽ تعليم پرائي سگھن.

ڊاڪٽر سريش ھوتچنداڻي/ لاڙڪاڻو

ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ غفلت اداري جي ۽ ڀوڳين شاگرد پيا!‎

سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ ڪئين پئسن عيوض گريڊ وڪامجن ٿا، اها ڳالھه ڪنهن کان به لڪيل ناهي ۽ سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ ڪئين هٿن سان ڪاپي ڪلچر کي هٿي ڏني ويندي آهي اهو به ڪنهن کان ڳجھو ناهي پر افسوس ڪيترن ئي سالن کان سنڌ ۾ سنڌي تعليم وارو وزير هوندي به نه تعليمي ادارا سڌريا آهن ۽ نه ئي تعليمي بورڊ سڌري سگهيا آهن، ان مان اندازو لڳايو ته سنڌ جي تعليم کي پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪنهن ٻئي جو نه پر اسان جي سنڌي حڪمرانن جو ئي هٿ رهيو آهي. پرويز مشرف جي دور ۾ بلڪل ڪاپي ڪلچر بند ڪيو ويو هو ۽ ڪاپي ڪلچر جي خاتمي جو ڪجھه آسرو نظر آيو هو پر افسوس انهن ڏينهن ۾ به بورڊ مان پئسن عيوض گريڊ خريد ڪيا ويا. انهن سڀني ڳالهين مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي تعليم کي ٻئي ڪنهن مان به خطرو ناهي جيڪڏهن سنڌ جي تعليم کي خطرو آهي ته صرف ۽ صرف سنڌي حڪمرانن ۽ سنڌي آفيسرن مان خطرو آهي. تازو ميڊيڪل جي ٽيسٽ ٿي گذري جنهن جي باري ۾ چيو ويو هو ته ٽيسٽ کان به ٽي ڏينهن اڳ پيپر آئوٽ ٿي چڪو هو پر ٽيسٽ وٺندڙ اداري لاڳيتو اهو پي چيو ته اهو ممڪن ئي ناهي جو پيپر آئوٽ ٿيو هجي، جڏهن سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اهو مسئلو هاءِ لائيٽ ڪيو ته ادارن مجبور ٿي ڪميٽي ٺاهي ۽ آخرڪار ڪميٽي جي ميمبرن کي پڪا ثبوت مليا ته واقعي ئي ميڊيڪل جو پيپر آئوٽ ٿيو هو، ان ڪري هاڻ ميڊيڪل جي ٽيسٽ ٻيهر ورتي ويندي. هاڻي هتي ڳالھه رڳو ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جي ناهي پر ڳالھه اها انهن ماڻهن جي آهي جيڪي هن ڪرپشن ۾ ملوث آهن ته ڇا انهن ماڻهن کي ڪي سزائون ملنديون يا رڳو ٽوپي ڊرامون ڪيو ويندو جيڪو سدائين ٿيندو رهيو آهي؟ هي رڳو چند امير ماڻهن جي ٻارن کي اڳتي آڻڻ لاءِ ڪيترن ئي محنتي ۽ غريب ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي ان جو ازالو ڪئين ٿيندو؟ ان ڳالھه جو ڪنهن وٽ به جواب ڪونهي، جيستائين اسان جي ملڪ ۾ ڪرپٽ ماڻهن کي سزائون نه ملنديون تيستائين اسان وٽ نه ميرٽ کي عزت ملندي ۽ نه ئي اسان جو ملڪ ترقي ڪندو. ان ڪري اسان چاهيون ٿا ته ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي جاچ جي لاءِ فل بينچ جوڙي وڃي ۽ ان ڪيس جي ڪارروائي به لائيو ڏيکاري وڃي ته جيئن دنيا جي سامهون اسان جي ملڪ جو نالو روشن ٿئي.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

ھوليڪا جي ڪھاڻي سندس زباني!‎

(حصو ٻيون ۽ آخري)

جڏھن آئون پھلاج کي ماني ڏيڻ پھتس ته پھلاج نشي ۾ ايترو ته ڌت ٿيل ھو جو ھو پنھنجو پاڻ کي سنڀالي به نه پي سگھيو پوءِ ڇا ٿيڻو ھو، پھلاج جي آواره دوستن مون کي پڪڙي ورتو ۽ مون سان سڀ ڪجهه ڪيو، راز کلڻ جي ڊپ جي ڪري مون کي ماري منھنجي لاش کي به جلائي ڇڏيائين. جڏھن صبح جو اها ڳالھج منھنجي ڀاءُ ھرڻاڪش کي پئي ته ھن منھنجي لڄ لٽيندڙ قاتلن کي گرفتار ڪري انھن جي مٿي تي تلوار جي نوڪ سان “اوير” يعني ڪانئر لکي انھن جو ڪارو منھن ڪري جوتن جي مالھا پھرائي سڄي راڄ ۾ جلوس ڪڍرايو، جلوس جتان به گذريو ٿي اتان کان انھن منھنجي لڄ لٽيندڙ قاتل آرين جي منھن تي گپ گارو، ڇيڻا، بجا، ٿڪون اڇلائي انھن جو ڪارو منھن ڪري بيعزت ڪيو ويو پر ڪوڙن، پاکنڊين ۽ فريبي آرين منھنجي ھن شھادت جي سچائيءَ کي لڪائي ھولڪا ڌھن جي نالي تھوار بڻائي ڇڏيو آ ۽ توھان اڻڄاڻ ٿي ڪري آرين جي چڪر۾ اچي پنھنجي ئي آديواسي ڀيڻ ھوليڪا کي ھر سال جلائي ٻي ڏينهن نشي ۾ ڌت ٿي ھڪ ٻئي تي گپ گارو، ڇيڻان ۽ رنگ اڇلائي خوشيون ملھايو ٿا . مان پنھنجن دلت، دراوڙ، آديواسي ڀائرن کان پڇڻ ٿي چاھيان ته مان ڪيستائين جلندي رھندس؟ آرين جي چڪر ۾ اچي اڻڄاڻائي جو کيل ڪيستائين کيڏندا رھندئو. مون پنھنجي سڄي ڪھاڻي توھان ڀائرن کي ٻڌائي ڇڏي آ، ھاڻ فيصلو توھان کي ڪرڻو آ ته ڇا توهان کي منھنجي موت تي خوشي ملھائڻ گھرجي يا نه!؟ جيڪڏھن توھان کي پنھنجي ڀيڻ جي ڪا به پرواهه ناھي ته توهان ڀلي شوق سان جشن ملهائيندا رھو، جيڪڏھن توھان کي پنھنجي تاريخ، پنھنجي ھزارين سال اڳ جي وڏن جي شاندار ماضيءَ ۽ پنھنجي قوم قبيلن سان ڪو به سروڪار ناھي ۽ پنھنجي ازلي دشمنن جا جسماني نه پر ذھني غلام آھيو ته ناريل ٽوڙيندا رھو، ڇاڪاڻ ته ناريل ٻڌ ڀکشوئن جي سر جي علامت آھن جن کي پوشيمترا سونن سڪن عيوض ٽوڙائيندو رھيو. ھرڻاڪش توڙي ڪشپ دراوڙ سورما آھن جن برھمڻن/آرين سان توھان جي خاطر مزاحمت ڪئي ھئي ته جيئن توھان دراوڙن کي ڪير غلام بڻائي نه سگھي. مھاراجا راوڻ توھان دراوڙن جي طاقت جي علامت آھي جنهن کي توھان ئي ساڙي رھيا آھيو، پنھنجي پيرن جا نشان ساڙيندا رھو ۽ پنھنجي تاريخ کي خود پاڻ ئي تباهه ڪندا رھو جنھن جو انعام توھان کي غلاميءَ ۽ ذلتن جي صورت ۾ مليو ۽ توھان جا نسل پڻ پنھنجون زندگيون انھي غلامي ۾ گذاريندا. (حوالا: رڊلس ان ھندوزم (ڊاڪٽر بي آر امبيڊڪر)، فلاسافي آف ھندوزم (ڊاڪٽر بي آر امبيڊڪر)، واءِ آءِ ايم ناٽ اي ھندو (پروفيسر ڪانچه الايه)، بفيلو نيشنلزم (پروفيسر ڪانطه الايه).

دولت راءِ دراوڙ/ڳوٺ ڀيل نگر، اسلام ڪوٽ