‘ميان’ جي واپسي ۽ سياست جا بدلجندڙ منظر

0
161
‘ميان’ جي واپسي ۽ سياست جا بدلجندڙ منظر

 ملڪ ۾ سياسي حالتون ايتريون ته تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن، جو ماڻهن کي انهن تي تبصرو ڪرڻ به مشڪل بڻجي رهيو آهي. جڏهن ڪنهن هڪ سياسي منظر تي تبصري لاءِ سوچجي ٿو ۽ ذهن کي تيار ڪجي ٿو ته انهيءَ گهڙيءَ سِين بدلجي وڃي ٿو، بلڪل ائين جيئن ننڍپڻ ۾ پراڻي دوربين ٽائپ تي مشين تي اکيون رکي فوٽو ڏيکاريا ويندا هئا، اڃا هڪ تصوير پوري ريت ڏسي ئي نه سگهبي هئي، جو ان جي جاءِ تي ٻي تصوير اچي ويندي هئي، پاڪستان ۾ به سياسي منظر ان ئي تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيا آهن. ملڪ ۾ جڏهن نگران سيٽ اپ آيو ته ان ۾ نواز ليگ کي نوازيو ويو ۽ محسوس ائين ٿيو پئي ته، اسٽيبلشمينٽ ميان نواز شريف جي سهولتڪاري ڪري رهي آهي. نواز ليگ جي ويجهي ماڻهو فواد حسن فواد کي ڪابينا ۾ کنيو ويو ۽ جهڙي ريت سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن تي پابندي هنئي وئي پر پنجاب ۾ ترقياتي اسڪيمون جاري رهيون، هاڻي جڏهن اليڪشن ويجهي آهي، جيڪو چيف اليڪشن ڪمشنر جي اعلان مان لڳي پيو ۽ اُن جنوري 2024ع جي آخر ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ نواز ليگ جي رستي جا ڪنڊا هٽايا ويا آهن. ميان نواز شريف ملڪ واپس موٽڻ جون تاريخون ڏيندو ۽ بدلائيندو رهيو آهي پر هن ڀيري گرين سگنل ملڻ کانپوءِ اُن جي آمد جو 21 آڪٽوبر تي اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ميان صاحب جي قانوني ٽيم کيس اهو ٻُڌائي چُڪي آهي ته، ڪي به قانوني پيچيدگيون ناهن. ان کانپوءِ نواز ليگ ۾ جشن جو سمان آهي. نواز ليگ چاهي ٿي ته، ميان صاحب جو مثالي استقبال ڪيو وڃي. ميان نواز شريف جي پڻ خواهش آهي ته، سندس اهڙو استقبال ٿئي، جهڙو 1986ع ۾ لاهور شهر محترمه بينظير ڀٽو جو ڪيو هو. هن ڀيري نواز ليگ پر اميد آهي ته، 10 لک ماڻهو گڏ ڪيا ويندا ۽ مينارِ پاڪستان تي وڏو جلسو ڪيو ويندو. ان حوالي سان هر ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي ساڍا ٽي هزار ماڻهو وٺي اچڻ ۽ انهن جي کاڌي پيتي جو انتظام ۾ پاڻ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان جي باوجود ميان صاحب جي استقبال لاءِ هڪ ڪروڙ رُپيا رکڻ جون پڻ خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن. استقبال جي حوالي سان پروگرام اهو هو ته، ميان صاحب کي ايئرپورٽ تان هڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ داتا دربار تي نيو ويندو، ان کانپوءِ کيس مينار پاڪستان تي جلسي گاهه ۾ آندو ويندو پر هاڻي پنجاب جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي اعتراضن کانپوءِ اها ريلي نڪري نه سگهندي ۽ ميان صاحب کي اهو چيو ويو آهي ته، هُو جهاز مان لهي سرينڊر ڪري ۽ عدالت ۾ پيش ٿئي. جيڪڏهن عدالت سزا معطل ڪري ٿي ته ٻيا معاملا پوءِ جا آهن پر نواز ليگ وري پراميد آهي ۽ اها هاڻي ريلي ته ڪڍي نه سگهندي پر جلسي لاءِ تياريون جاري آهن. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته، اهي خبرون رپورٽ ٿيون هيون ته ميان صاحب پاڪستان اچڻ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندو ۽ اُن ۾ هڪ وڊيو پڻ ڏيکاري ويندي پر پوءِ اهو وڊيو وارو فيصلو واپس ورڻ تائين موخر ڪيو ويو آهي. ميان نواز شريف جو سڄو ڌيان ان تي آهي ته، نئون پبلڪ مومينٽم جوڙجي.

اصل معاملا پنهنجو رُخ انڪري بدلائي ويا آهن جو ميان صاحب اسٽيبلشمينٽ کي چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو ۽ سندس گُهر اها آهي ته، جن به هيستائين جيڪو ڪُجهه ڪيو آهي، ان جو حساب ٿيڻ گهرجي، هاڻي درگذر واري پاليسي نه هلندي. عمران خان جي ان بيان ته “نهين ڇوڙونگا” ميان به اهائي پاليسي اختيار ڪئي آهي ته، “نئين ڇڊانگا…” ميان صاحب چاهي ٿو ته، ڪا به نرمي نه ڪئي وڃي، هُن جو ٽارگيٽ پنج ڇهه ماڻهو آهن، جن ۾ اڳوڻو فوجي سربراهه، ڳجهي اداري جو اڳوڻو سربراهه، ڪجهه رٽائر جج ۽ هڪ حاضر سروس جج شامل آهي. جيڪا ڳالهه بهرحال اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڏُکي آهي. سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ اهو چاهي ٿي ته، اهي معاملا، خاص طور تي عسڪري آفيسرن تي ڪيس هلائڻ وارا معاملا سويلين جي هٿ ۾ نه وڃن. هن کان اڳ ۾ مريم نواز هڪ ڌمڪيءَ جو ذڪر ڪندي رهي آهي، سندس چوڻ موجب اها ڌمڪي کيس هڪ حاضر سروس عسڪري آفيسر ڏني هئي ۽ ان جي لاءِ هُوءِ Smash جو لفظ استعمال ڪندي رهي آهي. هاڻي اها ڳالهه چٽي ٿي سامهون آئي آهي ته، اهو ميجر جنرل عرفان ملڪ هو، جيڪو هاڻي ترقي نه ٿيڻ تي ان کي رٽائر ڪري گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي. جڏهن اها ڳالهه سامهون آئي ته اهو تاثر ٿورو سگهارو ٿيندي محسوس ٿيو ته، ميان نواز شريف جي چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي پر پوءِ صورتحال جيڪو نئون رُخ ورتو آهي، ان مان اهڙي ڪنهن ڳالهه جي تصديق نٿي ٿئي.

جيستائين سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ طرفان ريلي جي اجازت نه ملڻ وارو تعلق آهي، ته اعتراض اهو ڪيو ويو آهي ته، لاهور ۾ ايترا گهڻا ماڻهو گڏ ٿيڻ سان امن امان جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ نواز ليگ تي اهو واضح ڪيو ويو آهي ته، سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ نٿي چاهي ته، 9 مئي جو وري ڪو ورجاءُ ٿئي. انهن جو خيال آهي ته، ريلي ۾ 9 مئي وارا شرپسند شامل ٿي ڪو ممڻ مچائي سگهن ٿا ۽ ڪو نقصان ٿيو ته، ان جي ذميواري ڪير کڻندو؟

مريم نواز ۽ شهباز شريف اسٽيبلشمينٽ جو پيغام کڻي لنڊن ويل آهن ۽ هڪ خيال اهو به آهي ته، کيس چيو ويو آهي ته، هو خاموش ڪري يا خود ساخته جلاوطني ۾ ئي رهي. تجزيه نگار پنهنجن ذريعن جي حوالي سان اهو پڻ چئي رهيا آهن ته، اڪيلي اُڏام کان پاسو ڪيو وڃي ۽ پاڻ سان گڏ اهي ئي ڌريون کنيون وڃن جيڪي پي ڊي ايم ۾ گڏ هيون. نواز ليگ کي اهو پڻ اشارو ڏنو ويو آهي ته، پ پ سان معاملا ٺاهي رکو. ان حوالي سان ڪُجهه اشارا به سامهون آيا آهن. جڏهن نواز ليگ جي حنيف عباسي “ڀٽو زندهه آهي” بابت تڪراري بيان ڏنو هو ته، ميان صاحب ان جي پڪڙ ڪئي ۽ نيٺ حنيف عباسي کي معذرت ڪرڻي پئي. ڪُجهه ڏينهن اڳ اسحاق ڊار پڻ اهو چئي چُڪو آهي ته، بلاول پُٽ وانگر آهي، ان جي باري ۾ ڪُجهه نه چوندس، ان سڄي صورتحال مان ظاهر ٿئي ٿو ته، اسٽيبلشمينٽ اُنهن ئي ڌُرين کي گڏ وٺي هلڻ چاهي ٿي، جن کي ان گذريل حڪومت ۾ گڏ ڪيو هو ۽ ميان نواز شريف به اهو چئي چڪو آهي ته، ڪابه هڪ پارٽي ملڪ هلائي نه سگهندي، انڪري سڀني کي گڏ کڻڻو پوندو. هن ملڪ جي اصل مالڪن جي پريشاني اها آهي ته، مالي مسئلا خراب ٿيندا وڃن، ملڪ تي ادائگين جو بار آهي، جن کي پورو ڪرڻ مشڪل بڻيل آهي ۽ نگرانن جي وَسَ جي اها ڳالهه ناهي، سرحدن تي ڇڪتاڻ آهي ۽ اندروني دهشتگردي به ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي. آءِ ايم ايف جي شرطن سبب جيڪا مهانگائي وڌي آهي، تنهن ماڻهن ۾ ڪاوڙ جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي آهي، ان ڪري جلد چونڊيون ٿين جيئن نگران آجا ٿين ۽ ذميواري لاءِ سياستدانن جو ڪُلهو ميسر هجي، ڏسجي ته هاڻي شهباز شريف ميان صاحب کي اهي ڳالهيون مڃرائي سگهي ٿو يا نه؟!