نصيرآباد مان عوامي ورڪرز پارٽي جو اڳواڻ سينگار نوناري کنڀجي ويو، ھڙتال

0
270

نصيرآباد (ن پ ا) نصير آباد مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ کي کنڀي ويا، واقعي خلاف عورتن ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. نصير آباد جي نوناري پاڙي مان اڻڄاتل اهلڪار عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ سينگار نوناري کي کنڀي کڻي ويا. واقعي خلاف عوامي ورڪرز پارٽي پاران شهر ۾ جزوي هڙتال ڪئي وئي، جنهن سبب ڪيتريون ئي بازارون نه کليون. ٻي پاسي عوامي ورڪر پارٽي جي ڪارڪنن ۽ کنڀيل سياسي اڳواڻ جي وارث عورتن ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندڙ عورتن جو چوڻ هو ته سينگار نوناري کي سنڌ مان جبري گمشدگين خلاف احتجاج ڪرڻ تي کنڀيو ويو، جيڪو ناقابل مذمت آهي. هنن چيو ته سينگار نوناري سياسي ڪارڪن آهي، هن ڪو ڏوهه ناهي ڪيو، کيس ترت آزاد نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.