ڪراچي: شيرپائو ڪالوني ۾ فائرنگ، ماءُ ۽ ڌيءَ قتل

0
189

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علاقئي لانڍي جي شيرپائو ڪالوني ۾ گھر اندر فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عورتون قتل ٿي ويون، اطلاع تي پوليس پھچي لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اسحاق پنهنجي گهرواري ۽ ڌيءَ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي، پوليس موجب جوابدار رڪشو هلائيندو هو، مقتول عورتن جي وارثن کان تفصيل ورتا پيا وڃن جاچ مڪمل ٿيڻ تي واقعي جا ڪارڻ معلوم ٿي سگهندا.