جيڪب آباد ويجھو پوليس جو مبينا مقابلو، بلوچستان واسي نوجوان مارجي ويو

0
243

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ويجهو پوليس شڪي مقابلي ۾ گوليون هڻي بلوچستان واسي نوجوان کي ماري ڇڏيو آهي. صدر ٿاڻي جي پوليس شهر جي مٺو ڦاٽڪ وٽ گوليون هڻي ڊيرا الهيار واسي نوجوان نور حسن گولو کي زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جيڪب آباد سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو. جيڪب آباد جي صدر پوليس جو چوڻ آهي ته مٺو ڦاٽڪ وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪئي. پوليس موجب پوليس اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ ڏوهاري نور حسن گولو مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا. ياد هجي ته جيڪب آباد پوليس مقابلن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ٻن ڏينهن ۾ ٽن نوجوانن کي زخمي ڪيو ويو آهي..