نجي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ جي اهميت

0
376
نجي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ جي اهميت

” سنڌي پڙھائڻ دوران پيش ايندڙ مسئلا” جي عنوان سان خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙھائيندڙ استادن لاءِ ھڪ ڏينھن جو تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو. اھو ورڪشاپ سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري، حيدرآباد پاران سنڌي ليئنگويج اٿارٽي جي ڊاڪٽر بلوچ حال ۾ رکيو ويو. جنھن ۾ ٻوليءَ جي ٽن خاص محرڪن، نفسياتي، روحاني ۽ ثقافتي تي بحث ڪيو ويو. نفسياتي طور ٻولي ڪيئن ٻار تي اثرانداز ٿئي ٿي، ٻوليون ڪيئن ورثي ۾ ملنديون آھن؟ ٻولي ڪيئن ماءُ کان ٻار ڏانھن منتقل ٿئي ٿي؟ جڏھن ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ھوندو آھي، ته ان دوران ماءُ جيڪا ٻولي ڳالھائي ٿي، ٻار ان کي محسوس ڪري ٿو. ماءُ ٻار کي شروعاتي دور ۾ مادري ٻولي ۾ لولي ڏئي ٿي، گفتگو ڪري ٿي، سيکاري ٿي ۽ ڄاڻ ڏئي ٿي ته ٻار جو بنياد مادري ٻولي ڏانھن مضبوط ٿئي ٿو ۽ ان کان پوءِ اھو ٻار دنيا جي ڪا به ٻولي آساني سان سکي سگھي ٿو. روحاني طور ٻولي ٻار کي زمين سان جوڙڻ سيکاري ٿي. ثقافتي حوالي سان ٻولي ڪھڙو ڪردار ادا ڪري ٿي؟ مان سمجھان ٿي، ٻولي ۽ ثقافت ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن، ان ٻنھي جو پاڻ ۾ گھرو تعلق آھي ۽ ٻئي گڏ گڏ ھلن ٿا. جيڪڏھن ٻار کي مادري ٻولي کان پري رکيو ويندو، ته اھو ٻار پنھنجي تھذيبي ۽ ثقافتي ورثي کان  به اڻ ڄاڻ رھجي ويندو.

ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ 74 ٻوليون آھن. انھن مان 20 ٻوليون مري رھيون آھن. ان کان علاوه سنڌي ٻولي ڏانھن سنڌي ھجڻ ڪري اسان جو عام سماجي ريو ڪھڙو آھي؟ سنڌي ھجڻ باوجود اسان بازارن، اسڪولن، گھرن ۽ ڪاروباري جاين تي سنڌي ۾ ڳالھه ٻولھه ڇو نه ڪندا آھيون؟ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي کي ٻولي بجاءِ سنڌي سبجيڪٽ طور ڇو ٿو پڙھايو وڃي؟ پنھنجن ٻارن کي پنھنجي سنڌي ٻولي کان پري رکڻ ۾ اسان پاڻ سنڌي ۽ تعليمي اداران ۾ پڙھائيندڙ استاد ڪيترا ذميوار آھن؟ جھڙن سوالن تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ  ڪئي وئي. تعليمي ماھر ادريس جتوئي جن سنڌي ٻولي جي نصاب، ڪريڪيولم ۽ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙھائيندڙ استادن کي تربيتي ورڪشاپ ڏيڻ جي اھم مقصد تي ڳالھ ٻولھ رکي ۽ چيو ته” اسان وٽ الميو اھو آھي جو سنڌي ھجڻ باوجود اسڪولن ۾ ٻارن کي آسان سنڌي ڪتاب پڙھايون پيا.” جنھن کان بعد ۾ حال ۾ موجود استادن کي ھڪ سوالنامو ڏنو ويو، جيڪو 29 سوالن تي مشتمل ھو، جنھن ۾ بنيادي پر اھم سوال شامل ھيا. جيئن اوھان ھفتي ۾ سنڌي جا ڪيترا پيرڊ وٺندا آھيو؟ اسڪولن ۾ سنڌي جو ڪھڙو ڪتاب پڙھائيندا آھيو؟ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، آسان سنڌي يا سولي سنڌي؟ شاگردن کي سنڌي پڙھائڻ لاءِ ڪھڙين سرگرمين يا طريقن جو سھارو وٺندا آھيو؟ شاگردن جي ٻڌڻ جي صلاحيت کي سگھارو بنائڻ لاءِ ڇا ڪندا آھيو؟ شاگردن جي سنڌي پڙھڻ واري صلاحيت کي اڀارڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪھڙا طريقا ڪتب آڻيندا آھيو؟ سنڌي پڙھائڻ لاءِ لائبريرين مان ڪھڙن ڪتابن جي مدد وٺندا آھيو؟ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ سنڌي پڙھائڻ لاءِ ڪھڙا جديد طريقا استعمال ڪندا آھيو؟ سنڌي گرامر ڪھڙي طريقي سان پڙھائيندا آھيو؟ شاگردن کي مضمون يا صورتخطي، خوشخطي ڪرائيندا آھيو؟ جائزي جا ڪيترا قسم آھن، سنڌي پڙھائڻ دوران ڪھڙا مسئلا درپيش ايندا آھن؟

ٻيو سيشن، حال ۾ ويٺل استادن جي ڳالھ ٻولھ کان شروع ٿيو. جنھن جي شروعات عورت استاد سوال واريو ته اسان سنڌي ڇو ٿا پڙھون ۽  پڙھايون؟ ان کان پوء مان 10 پوائنٽس تي ڳالھه ٻولھه رکي، جن ۾ سنڌي پڙھائڻ دوران شاگردن کي وڌيڪ منجھائيندڙ مسئلو ھڪ جھڙن آواز وارن اکرن ۾ تفاوت ڪرڻ آھي، جيڪو کي ڪڪ پٽيءَ جي مسلسل سمجھائڻ، سيکارڻ بعد حل ٿي سگھي ٿو. پوءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي سنڌي جي ڪتاب ۾ استادن لاءِ ڏنل ھدايتن تي اعتراض ورائيندي، ڳالھ رکي ته ھدايتن ۾ مٿي بيت ڏنل ھوندو آھي، جڏھن ته سبق ۾ نظم ھوندو آھي. جيڪو نه صرف استادن پر شاگردن کي پڻ مونجھاري ۾ وجھي ڇڏي ٿو. ان کان پوءِ حل به ٻڌايا ته خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙھائيندڙ استاد صرف روبوٽ جيان پڙھائي وڃي ٿو يا شاگردن جي نفسيات کي سامھون رکندي، انھن سان پنھنجو ڪو تعلق به جوڙي ٿو، ۽ شاگردن جي سوالن ته اسان سنڌي ڇو پڙھندا آھيون، جي جواب  ڏيڻ ۾ استادن پاڻ ڪيتري محنت ۽ مدد ڪئي آھي؟ ڪڏھن سنڌي ٻولي جي تاريخي، سياسي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پھلوئن تي ڳالھج ٻولھه رکي آھي؟ 5000 ھزار سال قديم موئن جي دڙي جي ورثي کان ٻارن کي روشناس ڪرايو آھي؟ سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ جانيون ڏيندڙ پنھنجي عظيم سورمن کان روشناس ڪرايو آھي؟ جيڪڏھن ان سوالن تي استاد شاگردن سان گفتگو ڪري ٿو، ته پوءِ اھو سوال ئي نه اٿندو ته اسان سنڌي ڇو ٿا پڙھون. ائين کوڙ استادن مسئلا سامھون رکيا.ھي ورڪشاپ منھنجي لاءِ ڪافي تجربو ڏيندڙ رهيو جنهن لاءِ سڀ کان پھرين ته سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي پوري سٿ کي مبارڪباد ڏيان ٿي، ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌي ٻولي جي معيار، ترقي لاءِ خانگي اسڪولن جي استادن کي پاڻ سان جوڙڻ ۽ سندن تربيت لاءِ ھي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو.

 اسان ڪيئن خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي کي ھڪ سبجيڪٽ طور پڙھايون ٿا، ۽ سنڌي جي استادن ھجڻ باوجود سنڌي پرھائڻ جو ڪم جنھن تنھن جي مٿي ۾ ھڻندا آھيون. سنڌي ٻولي کي اردو ۽ انگريزي ٻولي جيان ڇو ڪونه پڙھايو وڃي ٿو؟ ۽ سنڌي گرامر جو سوال سامھون اچي ٿو ته اسان صرف سنڌي جي ڪتاب ۾ شامل گرامر پڙھائيندا آھيون، جڏھن ته انگريزي ۽ اردو پڙھائڻ لاءِ گرامر جو ھڪ الڳ پورشن ھوندو آھي. ان پٺيان سبب اسڪول جي انتظاميا،تعليمي نظام ۽ استاد آھن. ھن نظام جا ٻٽا معيار آھن، تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ ٻار جي نفسيات ئي اھڙي جوڙي وڃي ٿي، ته انھن کي اھڙو سبجيڪٽ پڙھڻ گھرجي، جنھن ۾ ھو وڌ کان وڌ پئسو ڪمائي سگھن ۽ جنھن جو وڌ کان وڌ اسڪوپ ھجي، جنھن ۾ نوڪرين جا وڌيڪ موقعا ھجن، پر اھو ڪونه ٿو سيکاريو وڃي، ته منافعي خوري ۽ مفاد کان ھٽي ڪري به ڪم ڪرڻ گھرجن. پر مان سمجھان ٿي سرمائيداري نظام ۾ ھر ماڻھوءَ جو ٻي سان تعلق مفاد تي آڌاريل آھي، اسان کي سڀ کان پھرين تعليمي ادارن اندر معياري ۽ سائنسي تعليم تي زور ڏيڻ گھرجي، جنھن ڪري مشينن پاران مشينون پيدا ڪرڻ بجاءِ انسان بڻجڻ ۽ انسان پيدا ڪرڻ جو عمل شروع ٿيندو. ڇاڪاڻ ته استاد ۽ ماءُ اھڙا محرڪ آھن، جيڪي ٻولين کي جياري سگھن ٿا. ھڪ ته اسان وٽ وڏو الميو اھو آھي، ته ٻوليون سيکارڻ وارو ڪم انتھائي اھم آھي، جنھن کي اسان وٽ اھميت ڪونھي. پوءِ سنڌي ٻولي پڙھائڻ، سيکارڻ لاءِ بنسبت ٻين سبجيڪٽس يا ٻولين جي سنڌي جي استاد کي ڪمتري جو احساس ڏياريو ويندو آھي، ۽ گھٽ پگھار ڏني ويندي آھي، جڏھن ته ٻوليون پڙھائڻ، سيکارڻ واري استاد کي وڌيڪ اھميت ۽ پگھار ڏيڻ گھرجي.