ڀوتارڪي سياست ۽ سنڌ جي بحالي جو سوال

0
162
ڀوتارڪي سياست ۽ سنڌ جي بحالي جو سوال

سنڌ جي بحالي جو سوال هن وقت ايتري اهميت اختيار ڪري ويو آهي جو  سنڌ جي حڪمران جماعت پ پ پ جي چيئرمين سنڌ حڪومت تي ناراضگي جو اظهار ڪندي کين تاڪيد ڪئي آهي ته نوان گھر اڏڻ ۽ بيٺل پاڻي نڪال ڪرڻ لاءِ جلد کان جلد بحالي جي ڪم جي شروعات ڪئي وڃي. هن ميٽنگ ۾ آبادگارن جي مدد جي لاءِ سنڌ حڪومت تفصيل ڏنا ته ٻج ۽ ڀاڻ جي مد ۾ ڪيتري رقم ڏني ويندي. سنڌ حڪومت گھرن جي تعمير لاءِ پي سي ون جي پاس ٿيڻ ۾ ليٽ ٿيڻ تي چيو ته پلاننگ ڪميشن ڊلي پئي ڪري، جنهن تي بلاول چيو ته اهو مان پاڻ وڃي منظور ڪرائيندس. برساتي ٻوڏ جي بربادي کان پوءِ پوري سنڌ جو سماجي ڍانچو بدترين طريقي سان ڀورا ڀورا ٿي ويو آهي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ سنڌ جي معيشت تباھ ۽ برباد ٿي وئي آهي. بظاهر ته هي اعلان ڪيا ٿا وڃن ته خريف جي فصل لاءِ امداد ڏني ويندي، ڪنهن کي ڪيتري امداد ملندي انهيءَ جو مختصر اعلان هي ڪيو ويو آهي ته عالمي بينڪ 25 ايڪڙن جي آبادگارن جي مدد ۾ هٿ ونڊائيندي پر 25 ايڪڙن کان مٿي  وارن جي سنڌ سرڪار پاڻ مدد ڪندي. پاڻ هي پهرئين ڏينهن کان دانهون ڪندا رهيا آهيون ته سنڌ جي بي پهچ ۽ غريب ماڻهن جي مدد لاءِ سنڌ حڪومت جي ڀوتارن ۽ ڪامورن جيڪو بيحسي ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو آهي. اهو ته هي پاسي ٻئي طرف غريبن جي مدد جي لاءِ رليف جي پيسن ۽ سامان ۾ بد کان بدتر ڪرپشن ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت ان پوري ڪرپشن جي ڀيل کي پرسڪون انداز سان ڏسندي وقت گذاريو ۽ وڏي طمراڪي سان پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. هن وقت تائين ان ڪرپشن جي بيرحم ڪردارن کي نه وائکو ڪيو آهي ۽ نه وري ڪنهن کي سزا ڏني وئي آهي. هي سڀ ڪجھه ائين برداشت ڪيو ويو آهي جيئن انهن جو اهو بنيادي حق هجي ته هو رليف جي مد ۾ مليل سامان ۽ پيسن کي تحس نحس ڪن.

هن وقت تائين بحالي جي ڪم جي ڪا به شروعات ٿيندي نظر نه پئي اچي. صرف ڪاغذي ڪاروايون ۽ اهي به اهڙي انداز سان جو عوام کي ٺيڪ طرح سان معلومات ئي نٿي ملي. ڪنهن به ضلعي جي اندر ڪو به ڪمپلين سينٽر قائم ناهي ڪيو ويو. ميڊيا ۾ باربار اهي زور شور سان مطالبا ڪيا ٿا وڃن، پاڻ به ڪيترن ئي مضمونن ۾ اهوئي روئڻ رنو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي کي سنجيدگي ۽ ٽرانس پيرينٽ طريقي سان نٿو کنيو وڃي. نه ڪو ڪم ٿي رهيو آهي. هن وقت تائين ڪا به ويب سائيٽ يا ضلعي سطح تي ڪي به تفصيل ميڊيا کي نٿا ٻڌايا وڃن. نه ماڻهن کي خبر آهي ته انهن جي نقصان جو سروي ٿيو به آهي يا نه. جيڪڏهن هو رهجي ويا آهن ته ڪٿي وڃن. چيو ٿو وڃي ته ضلعي جي اندر ڊي سي آفيس ۾ 20 نومبر کان پوءِ رهجي ويل پنهنجون شڪايتون درج ڪرائن. ٻهراڙين جا ماڻهو جيڪي ضلعي هيڊڪوارٽر کان ميلن جو ميل پري آهن، اهي ڪيئن ايندا ۽ ڊي سي آفس ۾ ڪاٿي ڌڪا ٿاٻا کائيندا؟ ظاهر آهي ته اهو سڀ ڪجھه دانستا ڪيو ٿو وڃي ته جيئن ماڻهو ٻاڪاريندا رهن.

بحالي جي مد ۾ مليل رقم کي ڀوتارڪ سياست ۽ ڪامورڪي چالاڪي پنهنجي ميل ملاپ سان هضم ڪرڻ جي روايت کي برقرار رکي آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت يا حڪمران جماعت پنهنجي عوام سان ٿورو مخلص هجي ها ته بحالي جي سلسلي ۾ هڪ ته تمام آسان طريقيڪا اپنائي ها ۽ ٻيو وڏي پيماني تي ان ۾ شفافيت آڻڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪندي هر ضلعي ۾ ساک رکندڙ سماجي ۽ سياسي ماڻهن تي ڪميٽيون ٺاهيون وڃن ها ۽ انهن کان هڪ ته معلومات ملندي رهي آهي ۽ ٻيو ته ماڻهن کي انهن سان رابطي ڪرڻ ۾ آساني ٿي ها. بيحسي جي حد ته بحالي جي ڪم لاءِ انهن تنظيمن جو سهڪار به نٿو ورتو وڃي جن تنظيمن برساتي ٻوڏ ۾ جان فشاني جو مظاهرو ڪندي متاثرن کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. تڏهن سنڌ حڪومت انهن تنظيمن جو اڻ سڌي طرح سان ٿورو مڃيو هو. خاص ڪري ” الخدمت، جي ڊي سي ۽ ان کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي

ننڍيون ننڍيون تنظيمون جن پوري محنت ۽ ايمانداري سان ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ پورهيو ڪيو ۽ هن وقت تائين پنهنجي تنظيمي پليٽ فارم تان متاثرن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. حڪومت ته هن وقت به سروي جا پنا پئي ڦيرائي پر انهن تنظيمن ڪيترن ئي علائقن مان پاڻي ڪڍڻ، ٻج ۽ ڀاڻ ڏيڻ جي مدد ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. ڇو ته جڏهن ڪم ڪرڻ جو جذبو هجي ٿو ته وقت ضايع ڪرڻ کي گناھ برابر سمجھيو ويندو آهي. جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن ته ” سائو کڻي ساھ، بکيي جو وڃي ارواح. “ هن وقت موسم تيزي سان بدلجي پئي. ظاهر آهي ته جن علائقن ۾ هن وقت به پاڻي بيٺل آ اتان پاڻي ڪڍڻ ۽ وري فصل جي لاءِ زمين کي تيار ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو اهو سمجھڻ ڏکيو ناهي. هن وقت به سنڌ جي اندر متاثر علائقن ۾ خاص ڪري بااثر ڀوتار پنهنجون زمينون پاڻي کان خالي ڪري چڪا آهن ۽ انهن ته هر ڏيارڻ به شروع ڪري ڏنا آهن. باقي غريب ۽ بي پهچ ماڻهو اذيتن ۽ تڪليفن ۾ تڙپن پيا، ڪيترن ڳوٺن ۾ هن وقت به پاڻي بيٺل آهي. طاقتور ڀوتار پنهنجا علائقا ۽ ڳوٺ ڇڏي شهرن ۾ رهن ٿا ملندڙ امداد ٻج ڀاڻ جي مد ۾ ٻڌي رقم انهن جي ئي کيسي ۾ ويندي. غريب روڊن رستن تي ائين ئي دانهون ڪندي نظر ايندا جيئن ٻوڏ جي دوران دربدر ٿيندي نظر آيا.

سنڌ جي سماج تي ڀوتارڪو طبقو هڪ مستقل وبا کان وڌيڪ خطرناڪ آهي پاڪستان جي اندر جيڪڏهن اسان پنجاب جو مثال ڏيون ته اتان جو چوڌري طبقاتي لحاظ کان استحصالي ڪردار رکندڙ ۽ ڦرمار ڪندڙ ته آهي پر هو ان حد تائين ڪرپشن ڪندي نظر نه ايندو جو نالين، روڊن، رستن جا پيسا کائي وڃي. ٿاڻن ۽ روينيو ۾ هن جي مداخلت هڪ حد تائين ته آهي پر ايتري ناهي جو پوليس فورس کي بدترين طريقي سان پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪري. هن وقت به پنجاب جا ڳوٺ ۽ شهر سنڌ جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻا صاف سٺا نظر ايندا. انڪروچمينٽ نالي ماتر نظر ايندي. سنڌ جو ڀوتار عوام دشمني جي ان حد تائين پهتل آهي جو هو پنهنجي سياسي مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ طاقت ۽ غنڊن جو استعمال ڪندي سر عام نظر ايندو آهي. سنڌ جي شهرن ۾ بري کان بري انڪروچمينٽ ڪندڙ ان ئي ڀوتارڪي سياست جا چمچا ۽ دادلا آهن. ترقياتي ڪمن ڪو به اهڙو ٺيڪو ناهي جيڪو بنگلن جي مرضي جي خلاف ميرٽ جي بنيادن تي ڪنهن ٺيڪدار يا ڪنسٽرڪشن جي ڪمپني کي ملي کلي عام بنگلا چون ٿا ته هيتري پرسنٽيج ڏيو پوءِ ڪم نالي ماتر ئي ڪيو يا نه ڪيو بل وٺرائي ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي. انهيءَ جي ڪري پوري سنڌ جا روڊ رستا اجڙيل آهن. ٻيو ته پري پر جيڪڏهن ڏسنداسين ته ميونسپل ملازمن ۾ جيڪي صفائي جا سويپر آهن انهن جون پگھارون به بنگلن کي ڏنيون ٿيون وڃن. وڏي چالاڪي ۽ بيشرمي سان ڊيلي ويج جي بنياد تي صفائي جو عملو مقرر ٿيو ڪيو وڃي. ڏھ سيڪڙو به پڪا ملازم ناهن. ڊيلي ويجز تي ڪچا ملازم ۽ انهن جون ڪوڙيون پگھارون بنگلن تي پهچن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي بحالي جو ڪم اهي ڀوتار ۽ ڀوتارڪي سياست ڪهڙي انداز سان سرانجام ايندي اهو سمجھڻ ڏکيو ناهي. جيڪي سياسي بااثر ڀوتار سويپرن جون پگھارون نالين ۽ روڊن جا پيسا نٿا ڇڏين، اهي گھرن جي تعمير جا فنڊ ڪيئن هضم ڪندا اهو سمجھڻ ڏکيو ناهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ حڪومت ڪنهن به جاءِ تي ٽرانسپرنسي ۽ شفافيت آڻڻ جي لاءِ تيار ناهي. هي اها ئي پ پ پ آهي جنهن جي قيادت جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي سماجي بربادي جو بنياد سڏيو هو ۽ وقت گذرڻ سان عوامي طاقت حاصل ڪرڻ کان پوءِ پ پ پ پنهنجي هر دور ۾ انهن کي ڪمزور ڪرڻ جي بجاءِ طاقتور ڪيو آهي. هاڻي ته اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ سياسي ڀوتار آهي، جيڪو پنهنجي مزاج ۾ ۽ فطرتي ڪيمسٽري ۾ ڪنهن به رخ کان عوام جو همدرد هڏ ڏوکي ناهي رهيو. همدردي کي ته ڇڏيو پر هو صاف سٺا علائقا ڏسڻ جي به خواهش نٿو رکي. جيڪو تعليم جو دشمن، صحت جو دشمن، امن جو دشمن اهو سنڌ جي بحالي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪندو اهو عمل به سنڌ ڏسندي ۽ سنڌ جو عوام به ڏسندو جنهن ڀوتارڪي سياست سنڌ کي تحس نحس ڪيو آ اها ڪهڙي بحالي ڪندي؟ اهو سوال سنڌ جي شعور جي اڳيان موجود آهي ۽ سنڌ جو شعور جيستائين منظم ٿي ڪري سنڌ جي هن ڏکي وقت ۾ بحالي لاءِ ڪردار ادا نه ڪندو ته سنڌ هن مصيبتن جي دٻڻ ۾ وڌيڪ غرق ٿيندي ويندي.