ڳڀا ڳڀا انسان، ٽڪر ٽڪر زندگي

0
260
ڳڀا ڳڀا انسان، ٽڪر ٽڪر زندگي

صرف هڪ آواز ۾ ايتري طاقت آهي، جو جڏهن ڪائنات ۾ گونجيو ته سڄي ڪائنات ۾ هڪ منظم نظام وجود ۾ آيو ۽ زندگيءَ جي ارتقا جو سفر شروع ٿي ويو ۽ ساڳيو ئي آواز جڏهن تباهي ڪرڻ چاهي ته هزارين ماڻهن جي ڪنن مان سفر ڪندو دماغن کي مفلوم ڪري انسانن کي وحشتي پڻي جي آخري حد تائين پهچائي، ٻين انسان کي مرڻ تي مجبور ڪري ٿو ڇڏي. سنڌ ۽ سور ڪڏهن الڳ ناهن ٿيا. ڌارين جي ڪاهن کان وٺي موجوده سياسي صورتحال تائين ناانصافين ۽ راتاهن جي ڊگهي تاريخ موجود آهي. آڪٽوبر جي بدقسمت سج اهڙو نظارو ڪراچيءَ جي مڇر ڪالونيءَ ۾ ڏٺو، جنهن ۾ هڪ مسجد، جيڪا امن جي جاءِ سمجهي ويندي آهي، ان مان امن ۽ سلامتيءَ جي جاءِ تي انسانن کي مارڻ جو اعلان ٿيو ۽ مڇريل ماڻهن لمحن ۾ ٻن جيئرن جاڳندڙ انسانن کي پٿرن، لٺين ۽ سرن سان قتل ڪري ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو. هنن جا ايلاز، هٿ ٻڌڻ، پاڻ بچائڻ لاءِ منٿون ۽ سامهون موجود وحشتي هجوم جا موتمار حملا، نفرت سان ڀرپور آواز سڀ ڪجهه ريڪارڊ تي موجود آهن ۽ سنڌ جي آسمان پڻ اهي ڏيک تاريخ جي سياح پنن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا. مڇرڪالونيءَ جو نالو جيترو انوکو ٿو لڳي ان جي باري ۾ ملندڙ معلومات پڻ نطرانداز ڪرڻ جوڳي نه آهي. مڇرڪالوني، ڪراچيءَ ۾ سمنڊ جي ويجهو ڳتيل آباديءَ وارو علائقو آهي، جنهن کي پهرين مڇيرا ڪالوني چيو ويندو هو، پوءِ خبر نه آهي ته لساني گردان جي ڪري يا اتي جي صورتحال ڪري اهو نالو تبديل ٿي مڇر ڪالوني بڻجي ويو. مڇر ڪالوني جي هڪ طرف ماڙيپور روڊ آهي ته ٻئي طرف لياري روڊ آهي. ڪجهه آبادي وارن علائقن ويجهو ريلوي جي پٽڙي پڻ آهي، هن علائقي ۾ ماڻهن جو تعلق گهڻي ڀاڱي مڇيءَ جي ڪاروبار سان آهي. ڪراچيءَ جي ڪجهه صحافين کان معلومات حاصل ڪئي ته معلوم ٿيو ته هن علائقي ۾ گهڻي تعداد ۾ بنگالي، برمي، روهنگيا، ڪڇي، افغاني، پشتون رهن ٿا ۽ ڪافي حد تائين اهي غيرقانوني طور تي رهيل آهن.

مڇرڪالونيءَ ۾ ٻن ماڻهن جو قتل ڪو پهريون واقعو نه آهي، آڪٽوبر 2016ع ۾ 18 سالن جي ڇوڪريءَ کي قينچي سان ڪارو ڪاري الزام تحت قتل ڪيو ويو هو. 2016ع ۾ دعا ڇوڪري پڻ قتل ٿي، جنهن جي عمر 9 سال هئي. 11 آڪٽوبر 2017ع ۾ 16 سالن جي ريحا کي قتل ڪيو ويو، جيڪا پنهنجي ماءُ جي قتل جي اکين ڏٺي شاهد هئي. ان جو هٿ پير ٻڌل لاش پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ مان مليو هو. ٿوري تحقيق ڪجي ٿي ته خبر پئي ٿي ته مڇر ڪالونيءَ جو علائقو، ڏوهارين ۽ ڏوهن جو ڳڙهه بڻيل آهي. اتي ڪنهن به قسم جي ڏوهاري سرگرمي ڪرڻ صفا مشڪل نه آهي. 29 جنوري 2022ع ۾ مڇرڪالوني ۾ ٿيندڙ جهيڙي ۾ 8 ماڻهو زخمي ٿيا، ان جهيڙي ۾ پڻ ڇرين ۽ ڏنڊن جو استعمال ٿيو. هن علائقي ۾ جيئن ته مڇين ۽ گانگٽن کي ڪٽڻ، صاف ڪرڻ جو ڪم ٿئي ٿو ان ڪري اهڙي قسم جون تيز ڇريون ۽ ٻيا اوزار تقريبن هر گهر ۾ موجود هوندا آهن، جيڪي جهيڙن ۾ استعمال ٿيندا رهندا آهن.

مڇرڪالوني ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي ڏوهن ۽ قتلن جون رپورٽون اخبارن ۾ آيل آهن ۽ اهو ته ممڪن ئي نه آهي ته قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ان کان ناواقف هجن. ڪراچيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي علائقا آهن، جيڪي غيرملڪين جي آبادڪاري ۽ ڏوهاري سرگرمين لاءِ مشهور آهن، جن جي عام ماڻهن کي به خبر آهي ته يقينن حڪومت به انهن کان لاعلم ته نه هوندي. اها حقيقت آهي ته ڪا به ڏوهاري سرگرمي ڪنهن هڪ فرد جو انفرادي عمل ناهي هوندو، جتي سڄا سڄا علائقا غيرفعال ٿيل هجن، اتي وڏا نيٽ ورڪ ۽ وڏيون مافيائون موجود هونديون آهن پوءِ انهن جا رابطا گهڻين ڏوهاري تنظيمن سان پڻ هوندا آهن ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن وٽ سڄي معلومات موجود هوندي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن ڏوهه جي ڳڙهن ۾ مڪمل آپريشن ٿيڻ کان لنوايو ڇو ٿو وڃي. دل ڏاريندڙ واقعا ٿيندا آهن ۽ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿيندا آهن، ڪجهه ڌريون پنهنجن مخصوص سياسي مفادن کي اڳيان کڻي اينديون آهن ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مڪمل خاموشي ٿي ويندي آهي ۽ سنڌ وري ٻئي حادثي جي ماتم لاءِ تيار ٿيڻ لڳندي آهي. اڻ وڻندڙ واقعا ڪڏهن به اوچتا ناهن ٿيندا، ڪنهن آتش فشان جيان باهه اندر ئي اندر ڀڙڪندي رهندي آهي ۽ آخرڪار پنهجي پوري طاقت سان جبل کي ڦاڙي باهه نڪري آس پاس جي آبادين کي ساڙي ڀسم ڪرڻ لڳندي آهي.

ٽيلي ڪام ڪمپنيءَ جي ٻن ملازمن جو مڇرڪالونيءَ ۾ پنهنجي فرض جي ادائگيءَ لاءِ اچڻ ۽ هڪ مولويءَ جو مسجد مان اعلان ڪرائي انهن کي ڊاڪو يا ٻارن کي کنڀيندڙ قرار ڏئي، ماڻهن کي مڇرائي قتل ڪرائڻ ڪو عام واقعو نه آهي. هتي مولويءَ جو تمام اهم ڪردار ٿو نظر اچي، جنهن جي بيان جي ايتري اهميت ٿي جو سوين ماڻهن بنا سوچڻ سمجهڻ جي جيئرن جاڳندڙ انسانن تي لٺين ۽ پٿرن جا وسڪارا ڪري انهن کي قتل ڪري ڇڏيو. ڪنهن هڪ به ماڻهوءَ اهو نه چيو ته انهن کان پڇا ته ڪجي يا انهن ماڻهن جي به ٻڌڻ گهرجي يا ڏوهارين کي پوليس جي حوالي ڪجي، پر ظاهر آهي ته پوليس کي تڏهن ٻڌائين ها جڏهن ڪو ڏوهه ٿيل هجي ها! هتي ته معاملو ئي ٻيو هو. يقينن ان واقعي جو به ڪو پس منظر هوندو. انجنيئر ايمن سعيد ۽ ڊرائيور محمد اسحاق پنهور جي قتل جو ڪيس درج ٿي چڪو آهي ۽ پوليس لڳ ڀڳ 37 ماڻهن کي گرفتار ڪري تحقيق پڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. واقعي جو آءِ جي پڻ نوٽيس ورتو ۽ اميد اهي ته پوليس تحقيق مڪمل ڪري ڏوهارين کي سزا ڏيارڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويندي. سنڌ حڪومت کان سوال ٿو پڇجي ته اهڙا غيرملڪي جيڪي غيرقانوني طور تي سنڌ ۾ رهيل آهن ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪڏهن ڪئي ويندي؟ اهڙا علائقا جن ۾ ڏوهارين جي گهڻائي آهي، انهن ۾ پوليس آپريشن ڪڏهن ڪيو ويندو؟ خطرناڪ ۽ حساس علائقن ۾ عام ماڻهن جي تحفظ جو بندوبست ڪڏهن ڪيو ويندو؟ اهڙا ماڻهو جيڪي مذهب کي استعمال ڪري پنهنجي مذهبي عهدي يا مرتبي کي غلط استعمال ڪن، ڏوهن کي هٿي وٺرائين، انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي جي منصوبابندي ڪئي ويندي؟ ۽ ڪڏهن ڪئي ويندي؟