هلو ته هاليجي هلون

0
113
چڪرا ڳوٺ تي هڪ نظر

 سنڌ ازل کان ئي شاهوڪار ڌرتي آهي انهي شاهوڪارپ سبب ئي مٿس وقت بوقت هر پاسي کان ۽ مختلف قومن طرفان حملا آور ڪاهون ڪري لٽيندا ڦريندا رهيا آهن ۽ اڄ سوڌو کيس سياسي سماجي سطح تي تباهه ڪرڻ جون رٿون رٿي انهن تي عمل به ڪري رهيا آهن، پر سنڌ ڪڏهن به شاهوڪاري واري لقب کان نه هٽي آهي ۽ نه وري هٽندي. ايئن ئي سنڌ شاهوڪارپ سان گڏ گڏ نهايت ئي شاهڪار ڌرتي پڻ آهي، جتي جا نظارا من کي موهي وجهن ٿا، سنڌ جو هر شهر هر ڳوٺ نهايت ئي سهڻو آهي. سنڌ ۾ قدرت تمام بهترين ۽ تمام سهڻا منظر پيدا ڪري کيس جنت جو ٽڪرو بڻائي ڇڏيو آهي. سو سنڌ جي ڪهڙن ڪهڙن منظرن جي منظرڪشي ڪجي ۽ ڪهڙن ڪهڙن نظارن جي نشاندهي ڪجي جيڪڏهن منظرن ۽ نظارن بابت تفصيلي طور تي لکڻ ويهبو ته ڪيترائي ڪتاب لکڻا پوندا ڇو ته سنڌ جي سونهن جو ڪو ثاني ئي ناهي. جيئن شاعر ٻن سٽن ۾ پوري حقيقت کي قلمبند ڪيو آهي ته:

ڪنهن چيو ڪجھه لکو سونهن حسن تي

کيس چيم جو لکيم  سو  سنڌ وطن  تي. مهر فقير

                 سنڌ جو ضلعو ٺٽو پنهنجو مٽ پاڻ آهي هن ضلعي جي تاريخي حيثيت تمام اوائلي ۽ قديم آهي. هي خطو جتي جنگين جو مرڪز رهيو آهي اتي ئي حسن سادگي ۽ عشق جي داستانن جو ڳڙهه پڻ رهيو آهي. هي شهر جتي تخت گاهه رهيو آهي اتي ئي وري ڪاريگرن جي ڪاريگري ڪاشيگري ۽ فن جو بي مثال ڪمال رهيو آهي، ٺٽو ضلعو هونئن ته وسيع آهي ۽ انهي وسعت ۾ هن وقت ماضي جا اهي آثار آهن جتي دنيا وارا اچي سلامي ڀريندا آهن ۽ عشق کي تازي ڪرڻ سان گڏ سادگي اختيار ڪندي موت ۽ قبر کي پڻ ياد ڪندا آهن ته وري جرنيلن ۽ بهادر حاڪمن کي ياد ڪري جنگي جنون حاصل ڪرڻ سان گڏ غدارن ۽ حملاآورن کان نفرت جو اظهار ڪندي ڌرتي سان وفا جو وچن ڪندا آهن ۽ ايئن پڻ سير و تفريح جي محبوب مقامن تان دلي سڪون حاصل ڪندا آهن. ٺٽي شهر کان ڪراچي ويندي سڄي هٿ ٿي ۽ ڪراچي کان ٺٽي ويندي کٻي هٿ تي گجي شهر جي ڀرسان اتر طرف تي نيشنل هاءِ وي کان پنج ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٽوئرزم ۽ وائلڊ لائيف وارن جي نگراني هيٺ سير و تفريح ۽ پکين جي مشهور آماجگاهه ليکي ويندڙ رامسر سائيٽ توڙي گيم سيڪچوريل قرار ڏنل 11 هم چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل هاليجي ڍنڍ موجود آهي، جيڪا پري پري کان گهمڻ ايندڙن کي وري وري اچڻ جي اندر ۾ ڇڪ اڪير ۽ اتساهه پيدا ڪندي رهندي آهي. ها هونئن به هي ڍنڍ ٻين ڍنڍن کان ڪافي مختلف آهي ۽ انهي جو هڪ ٻيو خاص ڪارڻ به آهي ۽ اهو ڪارڻ آهي هن ڍنڍ تي موجود مانگرمڇن جو ۽ مانگرن کان علاوه هتي هڪ قسم جو ننڍڙو ZOO يعني چڙيا گهر به آهي، جيڪو سياحن جو ڌيان پاڻ طرف ڇڪائي ڍنڍ جي سونهن سندرتا کي ويتر ئي چار چنڊ لڳائي ٿو ڇو ته اهڙو ZOO منڇر يا ڪينجهر تي به ڪين آهي پر منڇر تي ته سياحن جي سهولت خاطر ڪنهن به قسم جو ڪو به انتظام ناهي. ها پر ڪينجهر تي وري به ڪافي سهولتون موجود آهن، انهن ڍنڍن جي ڀيٽ ۾ هاليجي ڍنڍ جو پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد مقام آهي .

هن ڍنڍ تي سير و تفريح جي لحاظ کان مان پنهنجي فقيرياڻي سان گڏ هيل تائين 02 ڀيرا وڃي چڪو آهيان. هاليجي ڍنڍ دل کي سڪون ڏيندڙ ڍنڍ آهي ها پر جڏهن به اوهان کي ايڏانهن گهمڻ خاطر وڃڻو پوي ته ماني پاڻي جو ذاتي بندوبست ڪري وڃڻ گهرجي ڇو ته اتي ڪو به سيون اسٽار فائيو اسٽار يا ڪو جهوپڙا هوٽل ڪين آهي ها مگر اوهان کي سادي سودي چانهن ۽ مٺا يا نمڪين بسڪوٽ ضرور ملندا .هن ڍنڍ تي مانگر مڇ، هرڻ، مور، بدڪون وغيره نظر ايندا. ان کان علاوه هتي ويهڻ لاءِ ڪافي تعداد ۾ گول چبوترا تعمير ٿيل آهن جتي سيمينٽ جون لسيون بئنچون رکيل آهن، جتان باآساني ڍنڍ جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته ڍنڍ جي بند سان بيٺل مختلف قسمن جا وڏا گهاٽا وڻ پنهنجي گهاٽائپ سان سج جي تپش کي روڪي سياحن کي ڇانورو فراهم ڪن ٿا. مڇي جي لحاظ کان به هي ڍنڍ ڪافي مشهور آهي. هتي تقريبن هر قسم جي مڇي ٿئي ٿي ان کان علاوه موسم جي مناسبت سان هتي ديسي پکين کان علاوه پرديسي پکي به عام جام اچن ٿا، جن جو شڪار ڪري اتان جي علائقي جا مهاڻا ۽ ڳوٺاڻا گذر سفر ڪن ٿا. انهي کان علاوه هن ڍنڍ جي پاڻي منجهان اوسي پاسي وارا هاري ۽ زميندار زمينون به آباد ڪن ٿا، هتان ڪراچي شهر کي پيئڻ خاطر پاڻي ملي ٿو .

هن ڍنڍ تي وڃڻ لاءِ نيشنل هاءِ وي کان پڪو رستو آهي ۽ رستي جي ٻنهي پاسن جي آبادي به تمام دلڪش آهي ۽ ڍنڍ جي اولھه ۾ بزرگ اولياءَ سائين درس وريو جي مزار پڻ آهي جتي هر سال وڏي اهتمام ۽ ڌام ڌوم سان ٽه روزه ميلو لڳندو آهي، جيڪو علائقي واسين جي خاطر تفريح جو سبب به بڻجڻ سان گڏ روزگار جا موقعا به آڻيندو آهي. مطلب ته هاليجي ڍنڍ جي اوسي پاسي به سدائين زرخيز رهي ٿو، جنهن ڪري به دل چوندي آهي ته هتي هن علائقي ۽ ڍنڍ جي سير تي بار بار هر بار اچجي اسان جڏهن به هتي تفريح خاطر ويندا آهيون ته هتي جي تازي موسم ۽ تازي هوا سان هڪ قسم سان ڪافي شفا ۽ صحت نصيب ٿيندي آهي ڇو ته شهر جي هوا گاڏين فئڪٽرين ۽ ڪارخانن جي دونهين سبب هاڻي خالص نه رهي آهي ٻيو ته هي ڍنڍ خاص ڪري ڪراچي کان ايترو پري به ڪونهي .