نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئوڪوٽ ۾ تعليمي بورڊن پاران نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن کان  فيسون وٺڻ ۽ فيسون نه ڏيڻ جي صورت ۾ شاگردن کي هراسان ڪرڻ خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ جي نور ڪلوئي، آڪاش پتافي، عبدالقيوم ٽالپر ٻين پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، اڳواڻن موجب ته  اسڪولي فيس وصول ڪرڻ شاگردن کان زيادتي آهي، غريب شاگرد ڳريون فيسون نه ٿا ادا ڪري سگهن،نوٽيس ورتو وڃي.