پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ۾ درگاھ مخدوم محمد اسماعيل رحه جي مزار تي رسم تاج پوشي، چادر چاڙهڻ ۽ ختم القرآن جي تقريب منعقد ڪئي وئي، درگاھ جي سجاده نشين مخدوم فياض احمد مزار تي چادر چاڙهي رسم جو افتتاح ڪيو.  ان موقعي تي گادي نشين کان علاوه عرض محمد، مخدوم علي عباس، مخدوم شفيق ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخدوم محمد اسماعيل رحه حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جو ھمعصر هو. حضرت پير راشد شاھ روضي ڌڻي رحه جن به حضرت مخدوم محمد اسماعيل رح جن جا شاگرد ھئا. تاج پوشي تقريب ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ ڀلائيءَ لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون.